3 ڇا خدا عدل کي ڦيرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا قادرِمطلق انصاف جو خون ٿو ڪري؟
3 خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟
پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“
تنهنڪري اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ جيڪي ڪريو سو خبرداريءَ سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا وٽ بيانصافي ناهي، نڪي هو ڪنهن جي طرفداري ٿو ڪري ۽ نہ وري وٽس رشوت ٿي هلي.“
ڇا تو کي انهيءَ مان ڪو فائدو ٿو ملي، جو مون سان ظلم ڪرين، پنهنجي ئي خلقيل کي ڌڪارين، ۽ بدڪار ماڻهن جي منصوبن کي ڪامياب ڪرين؟
پر ائين نہ آهي بلڪ خدا پنهنجي ڪنهن منصوبي تحت مون کي پستيءَ ۾ اڇلايو آهي، هائو، هن مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي چوڌاري پنهنجو ڄار وڌو آهي.
ڏسو، آءٌ انهيءَ ظلم جي خلاف پڪاريان پيو، پر منهنجي ٻڌي نہ ٿي وڃي، هائو، آءٌ مدد لاءِ روئان رڙان پيو، پر مون سان انصاف نہ ٿو ٿئي.
هو ائين بہ چون ٿا تہ ’قادرِمطلق ڪير آهي جو اسين سندس عبادت ڪريون؟ ڀلا جي اسين انهيءَ کان دعا گھرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟‘
ڀلي تہ هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳين، ڀلي تہ اهي قادرِمطلق جي غضب جو مزو پاڻ چکن.
ڳالهہ هيءَ آهي جو ايوب چوي ٿو تہ ’آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا مون سان انصاف نہ ٿو ڪري،
جڏهن تہ سندن دانهون بلڪل فضول آهن، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق هنن ڏانهن ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي،
ڪير آهي جيڪو خدا کي سيکاري سگھي تہ کيس ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ يا ڪير آهي جيڪو کيس چئي سگھي تہ ’تو بيانصافي ڪئي آهي؟‘
منهنجو علم وسيع آهي، سو آءٌ پنهنجي ڄاڻ جي وسيلي پنهنجي خالق کي عادل ثابت ڪندس.
بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.
’ڇا ڪو فاني انسان خدا آڏو سچار ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ڪو ماڻهو خدا آڏو پاڪ ٿي سگھي ٿو؟
”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“
ڇا تون منهنجي انصاف کي باطل ثابت ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڏوهاري قرار ڏيندين؟
”ٺيڪ آهي، تو جيڪي چيو سو آءٌ ڄاڻان ٿو، پر هڪ انسان ڪهڙيءَ طرح خدا جي آڏو سچو ثابت ٿي ٿو سگھي؟
تنهنجو تخت عدل ۽ سچائيءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، دائمي شفقت ۽ وفا تنهنجي آڏو رهن ٿيون.
اسان جو طاقتور بادشاهہ انصاف کي پسند ڪري ٿو، ۽ سچائيءَ کي سدائين قائم رکي ٿو. هائو، هن بني اسرائيل ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم ڪيو آهي.
انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.
اي حزقيايل! انهيءَ جي باوجود تنهنجا ماڻهو چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ جڏهن تہ هو پاڻ صحيح رستي کان هٽي ويا آهن.
انهيءَ جي باوجود بني اسرائيل چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ سو اي حزقيايل! کين ٻڌائي ڇڏ تہ اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن موجب آءٌ کين اجر ڏيندس.“
تو خداوند پنهنجي چوڪسيءَ جي نظر رکندي اسان تي اها آفت نازل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا پنهنجي سڀني ڪمن ۾ جيڪي تون ڪرين ٿو سچار آهين. پر اسان ئي تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.
پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.
اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.
اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!
ايتري ۾ مون قربانگاهہ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي خداوند، قادرِمطلق خدا! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“