Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيئن ڪو ڪڪر لنگھي گم ٿيو وڃي، تيئن قبر ۾ لهي وڃڻ وارو وري مٿي نہ ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جيئن ڪو ڪڪر کپيو گم ٿيو وڃي، تيئن جيڪو هيٺ قبر ۾ ٿو وڃي سو وري مٿي نٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻي جڏهن هو مري ويو آهي، تڏهن آءٌ ڇو روزا رکان؟ آءٌ ڪو هن کي موٽائي آڻي سگھان ٿو ڇا؟ آءٌ هن وٽ تہ وڃي ٿو سگھان، پر هو مون وٽ موٽي اچي نہ سگھندو.“


جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


هائو، انهيءَ کان اڳ جو آءٌ اوڏانهن هليو وڃان، جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي واري ملڪ ۾.


هرگز نہ، اهي ڳالهيون آسمان کان بہ مٿاهيون آهن، تون انهن کي ڇا سمجھي سگھندين؟ اهي تہ پاتال کان بہ اونهيون آهن، تون انهن کي ڇا ڄاڻي سگھندين؟


ٻي صورت ۾ هاڻ تہ منهنجي حياتيءَ جا سال پورا ٿيڻ وارا آهن، ۽ پوءِ آءٌ انهيءَ راهہ تي روانو ٿي ويندس، جتان ڪوبہ نہ ٿو موٽي.


مون کي ڪهڙي اميد آهي؟ جڏهن تہ قبر منهنجو گھر آهي، هائو، قبر جي اونداهيءَ ۾ مون پنهنجو هنڌ وڇايو آهي.


مون سان گڏ منهنجي اميد بہ قبر ۾ لهي هلندي، اسين ٻيئي مٽيءَ ۾ ملي وڃي آرامي ٿينداسين.“


نہ تہ جيڪر هن وقت آءٌ قبر اندر پيو هجان ها! هائو، آءٌ ستل هجان ها ۽ آرام پيو ڪريان ها.


دهشتون اچي مون تي غالب پيون آهن، ۽ تيز هوا وانگر منهنجي مان مرتبي کي اڏائي ڇڏيو اٿن. منهنجي خير وَ سلامتي ڪڪر وانگر گم ٿي ويئي آهي.“


هو گھاٽن ڪڪرن کي گھم سان ڀري ٿو، جيڪي سندس روشن وڄ کي هر طرف پکيڙي ڇڏين ٿا.


تون پنهنجي هٿ کي روڪ، تہ جيئن آءٌ گھڙي کن خوشي ڏسي وٺان، ان کان اڳ جو آءٌ رحلت ڪريان ۽ فنا ٿي وڃان.


هاڻي اهي دشمن حڪمران مري کپي ويا آهن، ۽ وري جيئرا ڪين ٿيندا. هائو، اهي مئلن جي دنيا مان اُٿي ڪين ايندا، ڇاڪاڻ تہ تو کين سزا ڏيئي اهڙو ناس ڪري ڇڏيو آهي، جو سندن نالو نشان بہ هميشہ لاءِ مٽجي ويو آهي.


هائو، مون سوچيو ٿي تہ جيئرن جي هن جهان ۾، آءٌ پاڻ جهڙن انسانن کي وري ڪين ڏسندس، نڪي وري خداوند جي هيڪل ۾ وڃي سندس آڏو حاضر ٿيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ