Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 جيڪي ماڻهو مون کي هينئر ڏسن ٿا، سي منهنجي موت بعد مون کي وري نہ ڏسندا. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس جو جڏهن خدا مون ڏانهن نهاريندو، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 جيڪو مون کي ڏسي ٿو، تنهن جي اک وري مون کي نہ ڏسندي. تنهن جون اکيون مون تي هونديون پر آءٌ ڪونہ هوندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻي جڏهن هو مري ويو آهي، تڏهن آءٌ ڇو روزا رکان؟ آءٌ ڪو هن کي موٽائي آڻي سگھان ٿو ڇا؟ آءٌ هن وٽ تہ وڃي ٿو سگھان، پر هو مون وٽ موٽي اچي نہ سگھندو.“


تون منهنجيون ٽنگون بہ ڪاٺ ۾ ٿو وجھين، ۽ منهنجي بچاءَ جا سڀ رستا بہ بند ٿو ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو منهنجا پير لِيڪي ٿو ڇڏين.


پر انسانذات جڏهن مريو ٿا وڃن تہ ڳريو ختم ٿيو وڃن، بلڪ دم ڏيڻ کان پوءِ انسان آهي ڪٿي؟


سو ڇو اهڙي فاني انسان تي تون پنهنجي نظر رکيو ٿو اچين؟ هائو، مون جهڙي انسان کي پاڻ سان عدالت ۾ ٿو آڻين؟


هو انهيءَ خواب، انهيءَ رويا وانگر گم ٿي ويندا، جيڪي رات جو ڏسجن ٿا، ۽ وري ڪڏهن بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندا آهن.


جنهن بہ هنن کي ڏٺو آهي، سو وري کين نہ ڏسندو، نڪي سندن گھر جا ڀاتي ئي وري کين ڏسندا.


دولتمند جڏهن رات جو سمهن ٿا، تہ پاڻ سان گڏ سڀ ڪجھہ کڻي نہ ٿا سمهن، ۽ جڏهن هو پنهنجيون اکيون کولين ٿا، تہ وٽن ڪجھہ بہ ڪين ٿو رهي.


نہ تہ جيڪر هن وقت آءٌ قبر اندر پيو هجان ها! هائو، آءٌ ستل هجان ها ۽ آرام پيو ڪريان ها.


ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“


پر جڏهن انهن کي پٽڻ وارو پٽي ڪڍي ٿو، تڏهن ڪنهن کي معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ اتي انهن جي ڪا جاءِ بہ هئي.


جيئن ئي انهيءَ تي واءُ لڳي ٿو تہ اهو گم ٿيو وڃي، پوءِ وري انهيءَ جي پنهنجي جاءِ کي بہ انهيءَ جو پتو نہ ٿو پوي.


پر پوءِ جڏهن آءٌ انهيءَ وٽان لنگھيس، تڏهن ڏٺم تہ اهو هو ئي ڪين. مون انهيءَ جي ڳولا ڪئي پر مون کان لڌو ئي ڪين.


جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ