Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:7 - Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ خدا کي ياد ٿو ڏياريان تہ منهنجي زندگي تہ رڳو ڦوڪ مثل آهي، ۽ منهنجيون اکيون وري خوشي ڪين ڏسنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اڙي، ياد ڪريو تہ منهنجي حياتي هوا وانگر آهي: منهنجي اک وري چڱائي نہ ڏسندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندن پيءُ کين چيو تہ ”اوهان مون کي بي‌اولاد ڪندا ٿا وڃو. يوسف هليو ويو، شمعون هليو ويو ۽ هاڻي بنيامين کي بہ وٺي ويندءُ. اهي سڀ سور مون لاءِ ئي آهن.“


تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي جيڪي فرمايو هو، سو ياد ڪر. تو چيو هو تہ ’جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ڏيندس.


منهنجا ڏينهن تہ هاڻي ٿورڙا وڃي بچيا آهن. سو هاڻي بس ڪر ۽ مون کي ڇڏي ڏي تہ ٿورو آرام ڪريان،


اي خدا! ياد ڪر تو ئي تہ مون کي چيڪي مٽيءَ مان بڻايو هو، ڇا انهيءَ لاءِ تہ مون کي وري خاڪ ۾ ليٿڙائيندو رهين؟


مون کي پنهنجي حياتيءَ کان نفرت آهي، بس هاڻ آءٌ گھڻي وقت تائين ڪين جيئندس. سو هاڻ تہ مون کي ڇڏي پري ٿيءُ، ڇو تہ منهنجي حياتي ڪنهن دم جي مهمان آهي.


منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن بنا ڪنهن خوشي ڏسڻ جي نهايت تيزيءَ سان گذرندا ٿا وڃن. هائو، اهي بلڪل اڏامندا ٿا وڃن.


بيشڪ هر انسان پاڇي وانگر گم ٿيو وڃي. هو جيڪا بہ جاکوڙ ڪري ٿو سا بلڪل بي‌فائدي آهي. هو مال پٺيان مال تہ گڏ ڪندو ٿو رهي، پر اها خبر ڪين اٿس تہ اهو ڪنهن جي ملڪيت ٿيندو.


گھڻا ئي آهن جيڪي انساني ڀلائي چاهين ٿا. پر اي خداوند! آءٌ تنهنجي ڪرم جي نگاهہ جو طالبو آهيان.


اي خداوند! اها ڳالهہ نہ وسارج تہ دشمنن تو تي ٺٺوليون ڪيون آهن، هائو، انهيءَ نادان قوم تنهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.


اُٿ اي خدا! پنهنجي نالي کي بي‌حرمتيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪجھہ ڪر. ڏس ڪيئن نہ نادان ماڻهو سڄو ڏينهن تو تي ٺٺوليون ڪن ٿا.


کيس اهو ئي ياد رهندو هو تہ ”هي رڳو فاني بشر آهن، هي تہ انهيءَ هوا مثل آهن، جيڪا گذري وڃڻ کان پوءِ وري نہ ٿي موٽي.“


اي خداوند! ڏس، منهنجي زندگي ڪيتري نہ ٿوري آهي! ڏس، تو بني آدم کي ڪيڏو نہ فاني بڻايو آهي!


اي منهنجا رب! پنهنجي هن بندي کي ياد ڪر، جنهن جي بدنامي پئي ٿئي. هائو، آءٌ سڀني غير قومن جا طعنا پنهنجي سيني تي پيو سهان.


پوءِ مون چيو تہ ”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو. سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ. ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن. تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ، بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ، ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.


ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي زندگي آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ