Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:5 - Muslim Sindhi Bible

5 منهنجو ماس ڪينئن ۽ کرنڊن سان ڀريو پيو آهي. منهنجي چمڙي هڪ هنڌان ٺيڪ ئي نہ ٿي ٿئي تہ ٻئي هنڌان ڦاٽي پوي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 منهنجو بت ڪينئن ۽ مٽيءَ جي ڳوڙهن سان ڍڪيو پيو آهي؛ منهنجي کل پورجيو وڃي ٿي ۽ وري نئين سر ڦٽيو ڦاٽيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهيءَ سڙيل ڳريل شيءِ وانگر اچي ٿيو آهيان، جيڪا فنا ٿيو وڃي. هائو، آءٌ انهيءَ ڪپڙي وانگر آهيان، جنهن کي تڏ کائي ويئي هجي.“


مون قبر کي چيو آهي تہ ’تون منهنجي ماءُ آهين.‘ ۽ ڪينئن کي چيو اٿم تہ ’توهين منهنجا پيءُ ۽ ڀائر آهيو.‘


سو غم جي ڪري منهنجي نظر بہ ڌنڌلائجي ويئي آهي، ۽ منهنجي سڀني عضون جو ماس ڳري ويو آهي.


مون وٽ باقي رهيو ئي ڇا آهي؟ رڳو موت جو مزو نہ چکيو اٿم، هائو، مون وٽ بنا ماس جي هي هڏائون پڃرو ئي باقي وڃي رهيو آهي.


بيشڪ آءٌ پنهنجي هن ئي بدن ۾ رهي خدا آڏو ضرور بيهندس، توڙي جو منهنجي کل کي ماس کان ڳاري لاٿو وڃي،


دنيا مان سندن نالو نشان بہ ختم ٿيو وڃي، ايتري قدر جو پيٽان ڄڻيندڙ ماءُ بہ کين وساري ڇڏي ٿي. ڪينئان کين کائي چٽ ڪن ٿا، هائو، کين وڻ وانگر پٽي ڪيرائي برباد ڪيو وڃي ٿو.


تڏهن بہ هو مون کي بدبودار گپ واري ان کڏ ۾ غوطو ڏياريندو، ايتري قدر جو منهنجا ڪپڙا بہ مون کان نفرت ڪندا.


پيرن جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين اوهان جي بدن ۾ ڪا تندرستي ڪانهي، بلڪ رڳو زخم، گھاءَ ۽ رت ڳاڙيندڙ ڦٽ آهن، جن کي نہ زور ڏيئي صاف ڪيو ويو آهي، نہ پٽي ٻڌي ويئي اٿن، ۽ نہ وري مٿن ڪا ملم ئي لڳائي ويئي آهي.


تو کي تنهنجي شان وَ شوڪت ۽ تنهنجي واکاڻ ۾ وڄندڙ سارنگين سميت آڻي پاتال جي تري ۾ اڇلايو اٿن. هتي تہ ڪينئان ئي تنهنجو بسترو ٿيندا، ۽ ڪيڙا ئي تنهنجي چادر بڻبا.‘


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا.


انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ