Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن آءٌ ليٽندو آهيان تڏهن سوچيندو آهيان تہ ’الاجي ڪڏهن ڏينهن ٿيندو.‘ رات ايتري تہ ڊگھي ٿي ويندي آهي، جو پرهہ ڦٽيءَ تائين رڳو پيو اٿلندو پٿلندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جڏهن آءٌ سمهندو آهيان تڏهن چوندو آهيان تہ ڪڏهن وري اُٿندس؟ پر رات ڊگهي آهي، ۽ آءٌ پرهہ ڦٽي تائين رڳو پيو اُٿلندو پٿلندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر منهنجا دوست رات کي ڏينهن ٿا چون، اهي چون ٿا تہ روشني ويجھي آهي، جڏهن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ اونداهيءَ ۾ ئي آهيان.


رات جي وقت منهنجيون هڏيون ڏکنديون رهن ٿيون. اهي سور جيڪي مون کي کائيندا رهن ٿا، سي ختم ئي نہ ٿا ٿين.


جيئن ماڪڙ کي ڪپڙي تان هڪدم ڇنڊي اڇلائجي ٿو، ۽ جيئن شام جا لهندڙ پاڇا جلدي گم ٿيو وڃن، تيئن ئي منهنجي زندگي بہ جلدي گم ٿيندي وڃي ٿي.


جيئن چوڪيدار صبح ٿيڻ جو انتظار ٿا ڪن، هائو، جيئن پهري وارا پرهہ ڦٽڻ لاءِ واجھائين ٿا، تيئن آءٌ انهن کان بہ وڌيڪ ڌڻيءَ لاءِ اوسيئڙو ٿو ڪريان.


آءٌ تہ آهون ڀري ڀري بلڪل ٿڪجي پيو آهيان. هر رات آءٌ ڳوڙها وهائيندي وهائيندي هنڌ آلو ڪري ٿو ڇڏيان.


هو منهنجي اکين کي ننڊ ڪرڻ کان روڪي ٿو، مون کي اهڙي ڳڻتي وٺي ويئي آهي جو ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي مصيبت ۽ طوفان جي ماريل يروشلم جي وسندي! جيڪا امن وَ سڪون کان محروم آهين، ڏس، آءٌ قيمتي پٿر جَڙي وري تو کي اڏيندس. آءٌ تنهنجا بنياد نيلم جا،


اوهين پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو تہ ڊڄي ويندا، جو صبح جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل سانجھي ٿئي‘ ۽ سانجھيءَ جو چوندا تہ ’خدا ڪري شل صبح ٿئي.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ