Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تيئن ئي مهينن پٺيان مهينا منهنجي زندگي بي‌فائدي پيئي گذري، منهنجيون راتين پٺيان راتيون تڪليف ۾ ٿيون گذرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تيئن مون کي اجايا مهينا ورثي ۾ ڏنا اٿن، ۽ تڪليف جهڙيون راتيون منهنجي لاءِ مقرر ڪيون اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا! ڏک ڏيئي ڏيئي تو مون کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. تو منهنجي پوري گھراڻي کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو آهي.


مون بابت جيڪي ڪجھہ مقرر ڪيو ويو آهي تنهن کي هو عمل ۾ آڻي ٿو، ۽ اهڙيون گھڻيون ئي رٿون اڃا تائين سندس هٿ ۾ آهن.


”ڪاش! آءٌ اهڙو ئي هجان ها جهڙو اڳئين وقت ۾ هئس، هائو، انهن ڏينهن وانگر جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو.


جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ ڪو غلام ڇانوَ جي اجائي آرزو رکي ٿو، جيئن ڪو مزدور پنهنجي مزدوريءَ جي ملڻ جو بي‌فائدي انتظار ڪندو هجي،


اي خداوند! ڏس، تو منهنجي عمر رڳو گھڙيءَ، بلڪ هڪڙي پلڪ جيتري ڪئي آهي. هائو، تنهنجي آڏو منهنجي حياتي ڪين جهڙي آهي، بلڪ هر انسان جي زندگي تو رڳو ٻاڦ مثل ڪئي آهي.


آءٌ تہ آهون ڀري ڀري بلڪل ٿڪجي پيو آهيان. هر رات آءٌ ڳوڙها وهائيندي وهائيندي هنڌ آلو ڪري ٿو ڇڏيان.


رنج سبب روئندي روئندي منهنجيون اکيون بہ ويهجي ويون آهن. دشمنن جي رنجائڻ جي ڪري اُهي هيڻيون ٿي ويون آهن.


مون انهن سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو، جيڪي ڌرتيءَ تي ڪيا ٿا وڃن، پر ڇا ڏسان تہ اهو سڀ ڪجھہ راز ئي راز آهي، ۽ انهيءَ راز کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ