Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ ڪو غلام ڇانوَ جي اجائي آرزو رکي ٿو، جيئن ڪو مزدور پنهنجي مزدوريءَ جي ملڻ جو بي‌فائدي انتظار ڪندو هجي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جيئن ڪو ٻانهو ڏاڍي شوق سان ڇانوَ جو ڳولائو هجي، ۽ جيئن ڪو مزور پنهنجي مزوري لاءِ آيو هجي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ حمور يعقوب وارن سان ڳالهيون هلايون ۽ کين چيائين تہ ”منهنجي پٽ سڪم جي اوهان جي ڌيءَ سان ڏاڍي دل ٿي ويئي آهي، سو مهرباني ڪري اها کيس پرڻائي ڏيو.


”ڇا ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي جنگي بيگار نہ آهي؟ ڇا هن جا ڏينهن مزدور جي ڏينهن وانگر نہ آهن؟


تيئن ئي مهينن پٺيان مهينا منهنجي زندگي بي‌فائدي پيئي گذري، منهنجيون راتين پٺيان راتيون تڪليف ۾ ٿيون گذرن.


آءٌ تنهنجي حڪمن جو ايڏو تہ مشتاق آهيان، جو هر وقت انهن جو سڪايل ٿو رهان.


تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان.


هو چوندا تہ ”يروشلم تي حملي لاءِ تياري ڪريو. اُٿو، اسين منجھند جو ئي مٿس حملو ڪنداسون.“ پر دير ٿيڻ تي هو چوندا تہ ”افسوس صد افسوس! ڏينهن ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ شام جا پاڇا وڌندا ٿا وڃن.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.


خداوند خدا هڪڙو ٻوٽو پيدا ڪيو ۽ انهيءَ کي يونس جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ پکيڙي ڇڏيائين تہ جيئن هو تڪليف کان بچي. يونس انهيءَ ٻوٽي جي ڪري تمام گھڻو خوش ٿيو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


اوهين انهيءَ جي مزدوري ساڳئي ئي ڏينهن تي سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس ڏئي ڇڏجو، ڇو تہ هو غريب ماڻهو آهي ۽ سندس دل انهيءَ مزدوريءَ ۾ لڳل رهي ٿي. ائين نہ ٿئي جو هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اهو اوهان جي لاءِ گناهہ ٿي پوي.


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ