17 خسيس انسان کي تون ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏئين؟ ڇو تون هن کي سدائين پنهنجي نظر ۾ ٿو رکين؟
17 ماڻهو ڇا آهي جو تون انهيءَ کي پڏائين ٿو، ۽ انهيءَ سان پنهنجي دل ٿو لائين.
ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي خدا! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ڪرين.
تڏهن آءٌ سوچيان ٿو تہ انسان ڇا آهي جو تون ان جي يادگيري ڪرين؟ يا آدمزاد ڇا آهي جنهن جي تون سار سنڀار لهين؟
اي خداوند! انسان ڇا آهي جو تون ان جي سار لهين؟ هائو، آدم زاد جي ڪهڙي حيثيت آهي جو تون ان بابت سوچين؟
آءٌ ڪا خونخوار سامونڊي بلا آهيان ڇا، جو تون منهنجي چوڌاري بند ٿو ٻڌين؟
بني اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ اوهين ڪنهن جي پٺيان پيا آهيو؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان، يا هڪڙي جيتامڙي جي پٺيان؟
”ڇا ڪو انسان خدا کي فائدو پهچائي سگھي ٿو؟ بلڪ جيڪڏهن ڪو عقلمند بہ آهي تہ ان ۾ رڳو سندس ئي فائدو آهي.
تہ پوءِ ڀلا انسان سندس نظر ۾ ڇا آهي، جيڪو هڪ ڪينئين مثل آهي؟ هائو، آدمزاد سندس نظر ۾ ڇا آهي، جيڪو هڪ جيت مثل آهي؟“
سو ڇو اهڙي فاني انسان تي تون پنهنجي نظر رکيو ٿو اچين؟ هائو، مون جهڙي انسان کي پاڻ سان عدالت ۾ ٿو آڻين؟
تڏهن بہ تو هن کي پاڻ کان ٿورو گھٽ بڻايو آهي، تو هن کي شان وَ شوڪت جو تاج کڻي پهرايو آهي.