Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ”تنهنڪري آءٌ پنهنجي زبان کي ڪين روڪيندس، بلڪ آءٌ پنهنجي روح جي رنج مان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجي جان جي عذاب ڪري خدا سان شڪايت ڪندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنڪري آءٌ پنهنجو وات ڪين روڪيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي رنج ۾ ڳالهائيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ ۾ دانهن ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيڪي ڪجھہ اسان پنهنجي ڀاءُ سان ڪيو هو، اڄ انهيءَ جو نتيجو لوڙيون ٿا. جڏهن هن جي دل پيڙجي رهي هئي ۽ اسان کي آزيون نيزاريون ٿي ڪيائين تہ بہ اسان هن جي نہ ٻڌي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هيءَ مصيبت اسان تي آئي آهي.“


”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ


پوءِ جيڪڏهن آءٌ قصوروار نڪران تہ مون تي مصيبت نازل ڪرين، پر جي آءٌ سچو نڪران، تہ بہ مون کي پنهنجو منهن مٿي کڻڻ جهڙو نہ ڇڏين. سو هينئر منهنجو حال اهو ئي آهي، جو آءٌ شرمندگيءَ ۾ ٻڏل آهيان ۽ مصيبتون پيو سهان.


”سو اوهين ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي بہ مون سان ٿيڻو هوندو سو ڀل ٿئي.


”هاڻي توڙي جو آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ بہ منهنجو ڏک هلڪو نہ ٿو ٿئي، يا توڙي جو آءٌ ماٺ ٿو رهان تہ بہ مون کي آرام ڪونہ ٿو ملي.


پر ڪي تہ وري ڪابہ خوشي نہ ٿا ڏسن، ۽ تلخ زندگي گذاريندي مري ٿا وڃن.


”مون کي اڄ بہ خدا سان سخت شڪايت آهي، منهنجي چيچلائڻ جي باوجود سندس ڳرو هٿ مون تي پيو آهي.


خبردار، هاڻي بدڪاريءَ جي ويجھو نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي ڪري ئي تون تباهيءَ جي راهہ تي لڳو آهين.


اوهين سمجھو ٿا تہ منهنجيون ڳالهيون هوائي آهن، تہ پوءِ نااميديءَ ۾ چيل منهنجي انهن ڳالهين تي ڇو بي‌رحميءَ سان ڇينڀيو ٿا؟


جيڪڏهن آءٌ چوان تہ ’آءٌ پنهنجا ڏک وساري ڇڏيندس ۽ پنهنجي اداسي ڇڏي خوش گذاريندس،‘


منهنجي دل اندر ئي اندر ڳرندي رهي، ۽ منهنجي خيالن پچائيندي پچائيندي اندر ۾ باهہ ٻري ويئي. تڏهن منهنجي زبان مان نڪتو تہ


مون هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجي سچائيءَ وارا ڪم ظاهر ڪيا آهن. اي خداوند! تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ ائين ڪرڻ کان ڪين مڙندس.


اي خداوند! آءٌ تہ ڪجھہ چئي بہ نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون سان هي سڀ تو ئي تہ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي حياتي زهر ٿي پيئي آهي، تنهن هوندي بہ مون کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.‘


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.


سو مون گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ وچان ڳوڙها وهائيندي وهائيندي اوهان ڏانهن اهو خط لکيو هو. منهنجو مقصد اوهان کي رنج پهچائڻ نہ هو، پر مون چاهيو ٿي تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجي اوهان سان ڪيڏي نہ گھڻي محبت آهي.


جيئن تہ حنہ ڏاڍي ڏکويل هئي، سو زاروزار روئي خداوند کان دعا گھرڻ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ