Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ”ڇا ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي جنگي بيگار نہ آهي؟ ڇا هن جا ڏينهن مزدور جي ڏينهن وانگر نہ آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ماڻهوءَ جي لاءِ زمين تي جهيڙو جهڳڙو نہ آهي ڇا؟ ۽ هن جا ڏينهن مزور جي ڏينهن جهڙا نہ آهن ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 7:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون منهنجي خلاف نوان نوان شاهد پيدا ڪندين، ۽ مون تي پنهنجو قهر وڌائيندين. تون نيون مصيبتون مون تي ائين موڪليندين، جيئن ڪي تازيون فوجون جنگ لاءِ تيار هجن.


”فاني انسان، جيڪي عورت مان پيدا ٿين ٿا، چند ڏينهن جي زندگي ماڻين ٿا، ۽ ڏک سان ڀريل رهن ٿا.


پر جهڙيءَ طرح باهہ جون چڻنگون آسمان ڏانهن ئي اڏامنديون آهن، تهڙيءَ طرح انسان بہ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي تڪليف پيدا ڪري ٿو.“


جيئن اس ۾ ڪم ڪندڙ ڪو غلام ڇانوَ جي اجائي آرزو رکي ٿو، جيئن ڪو مزدور پنهنجي مزدوريءَ جي ملڻ جو بي‌فائدي انتظار ڪندو هجي،


”اي خداوند! تون مون کي ٻڌاءِ تہ منهنجي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي؟ منهنجا ڏينهن باقي گھڻا بچيا آهن؟ تان‌تہ آءٌ ڄاڻي وٺان تہ آءٌ ڪيترو نہ فاني آهيان.“


اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.


هاڻي انهيءَ بابت خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”جيئن مزدورن جي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو آهي، تيئن ٽن سالن جي وقت اندر ئي موآب جو شان وَ شوڪت انهيءَ جي رهاڪن سميت ختم ڪيو ويندو. انهيءَ جا اڪثر ماڻهو ختم ٿي ويندا ۽ باقي ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچندا، سي بہ نہ هجڻ جي برابر هوندا.“


پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”ڏس، اڄ کان هڪ سال جي اندر اندر سندن دشمن قيدار جو سمورو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو.


هو موٽي وڃي حزقياہ کي سندس هي پيغام ٻڌائي تہ ”مون خداوند، تنهنجي ابي ڏاڏي دائود جي خدا تنهنجي دعا ٻڌي ورتي آهي ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم. سو ڏس، آءٌ تنهنجيءَ عمر ۾ پندرهن سالن جو اضافو ٿو ڪريان.


يروشلم جي رهاڪن کي دلاسو ڏيو. هنن منجھہ اعلان ڪريو تہ سندن غلاميءَ واري مصيبت جا ڏينهن ختم ٿي ويا. هائو، مون خداوند سندن بدڪاري معاف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سندن سڀني گناهن جي کين ٻيڻي سزا ڏيئي چڪو آهيان.“


تڏهن سندس خريدار ۽ هو پاڻ وڪري جي وقت کان وٺي ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين سالن جو حساب ڪن ۽ باقي رهيل سالن لاءِ هڪ مزدور جي مزدوريءَ جي حساب سان ٺهندڙ رقم خريدار کي ڏيئي پاڻ کي ڇڏائي سگھي ٿو.


جڏهن اوهين ٻانهي کي آزاد ڪري وڃڻ ڏيو، تڏهن اوهين انهيءَ ڳالهہ کي ڏکيو نہ سمجھجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڇهن سالن تائين ٻن مزدورن جيتري اوهان جي خدمت ڪئي آهي. ائين ڪرڻ ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجھندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ