Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڪاش! خدا منهنجي اميد پوري ڪري جو مون کي ماري ڇڏي. ڪاش! هو پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي حياتي وڍي اڇلائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 شل خدا جي مرضي ٿئي تہ مون کي چپي ڇڏي، ۽ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري مونکي اصل وڍي ڦٽو ڪري!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 6:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“


”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ


پر شريرن کي ڪا ڀلائي ڏسڻ ۾ ڪين ايندي. کين ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪونہ ملندو. سندن آخري اميد رڳو موت ئي هوندي.“


پر ڪاش! تون مون کي پاتال ۾ لڪائي رکين، ۽ جيستائين تنهنجي ڪاوڙ لهي نہ وڃي، تيستائين مون کي نظرانداز ڪري ڇڏين، ۽ پوءِ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري مون کي ياد فرمائين.


اي منهنجا دوستؤ! گھٽ ۾ گھٽ اوهين تہ مون تي رحم ڪريو، ڇو تہ خدا جو ڳرو هٿ مون تي اچي پيو آهي.


”خدا منهنجي اميد پوري ڇو نہ ٿو ڪري؟ جنهن شيءِ جو آءٌ خواهشمند آهيان، سا هو مون کي ڇو نہ ٿو ڏئي؟


”آءٌ بي‌گناهہ تہ آهيان، پر هاڻي مون کي زندگيءَ جي ڪا پرواهہ ڪانهي. آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي حقير ٿو ڄاڻان.


جيئن تہ تنهنجو ڳرو هٿ رات ڏينهن منهنجي مٿان هو، سو منهنجي طاقت منهنجي جسم مان ائين ويندي رهي، جيئن اونهاري جي گرمي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندي آهي.


منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڄڻ تہ خانہ‌بدوش جي تنبوءَ وانگر وقت کان اڳ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. اي خداوند! مون سمجھيو ٿي تہ تو انهيءَ ڪوريءَ وانگر منهنجي حياتي ويڙهي رکي ڇڏي آهي، جيڪو آڏاڻي مان تاني اڌ ۾ ڇنيو ڇڏي. هائو، مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.


هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


انهن پنجن مهينن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا پر لهي نہ سگھندا، هو مرڻ چاهيندا پر موت کانئن پري ڀڄندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ