Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو قادر مطلق جا تير منهنجي اندر ۾ چُڀيل آهن، جن جو زهر منهنجو روح پيو پيئي: خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي سامهون قطار ٻڌي بيهن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 6:4
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا غضب وچان مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن، هن ڄڻ دشمن بڻجي پنهنجيون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن، هائو، هن منهنجي پٺيان پيئي مون کي چيريو ڦاڙيو آهي.


هن مون تي حملي ڪرڻ لاءِ ڄڻ مصيبتن جون فوجون موڪليون آهن، جيڪي منهنجي گھر جي چوڌاري مورچا ٺاهي گھيرو ڪيو ويٺيون آهن.


هو جيڪي بہ ڳڙڪائين ٿا، سو ڪاريهر جي زهر مثل آهي، جيڪو کين موتمار نانگ جي چڪ وانگر ماري وجھندو.


ڀلي تہ هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳين، ڀلي تہ اهي قادرِمطلق جي غضب جو مزو پاڻ چکن.


دهشتون اچي مون تي غالب پيون آهن، ۽ تيز هوا وانگر منهنجي مان مرتبي کي اڏائي ڇڏيو اٿن. منهنجي خير وَ سلامتي ڪڪر وانگر گم ٿي ويئي آهي.“


جيئن تہ آءٌ خدا کان بيحد ڊنس ٿي تہ متان هو مون تي ڪا آفت نازل ڪري، تنهنڪري سندس جلال جي اڳيان ائين ڪرڻ جي مون ۾ همت نہ هئي.“


جيتوڻيڪ آءٌ حق تي آهيان، تڏهن بہ ڪوڙو ليکيو وڃان ٿو. جيتوڻيڪ آءٌ بي‌قصور آهيان، تڏهن بہ مون کي موتمار زخم ڏنا ويا آهن.‘


اي بني آدم مٿان داروغا! جيڪڏهن مون کان ڪو گناهہ ٿئي بہ تہ تنهنجو ڇا بگڙندو؟ تو ڇو مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي؟ ڇا آءٌ تو تي بار بڻيو آهيان؟


انهيءَ سبب جو هو تِر جيتري ڳالهہ لاءِ بہ مون کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي، هائو، هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجا زخم وڌائي ٿو ڇڏي.


اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.


هن پنهنجا تير هلائي منهنجي دشمنن کي ڪڻو ڪڻو ڪيو، هائو، هن وڄ مٿان وڄ جو چمڪو موڪلي کين شڪست ڏني.


تون جڏهن پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي سندن سامهون ٿيندين، تڏهن کين پٺي ڏياري ڀڄائي ڪڍندين.


تنهنجي تيرن مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي هٿ مون کي هيٺ ڪيرائي وڌو آهي.


منهنجي گناهن سبب تنهنجي غصي منهنجي پوري بدن کي نقصان رسايو آهي، ايتري قدر جو منهنجيون هڏيون بہ پيون سور ڪن.


تو بادشاهہ جا تير تکا آهن، سو اهي پنهنجي دشمنن جي دلين ۾ هڻي ڪڍ، تان‌تہ سڀيئي قومون اچي تنهنجي پيرن ۾ ڪِرن.


هو پنهنجي تيرن کي باهہ جا شعلا بڻائي ڇڏيندو. هائو، هو بدڪارن لاءِ موت جا هٿيار تيار ڪندو.


هر ڪو پنهنجا ڏک سک پاڻ ئي ٿو ڄاڻي، ٻئي کي ڪنهن جي دل جي ڪهڙي خبر.


عزم وَ همت انسان کي بيماريءَ ۾ بہ سهارو ڏئي ٿي، مگر مايوسي انسان کان آخري اميد بہ کسيو وٺي.


جنهن بہ وقت اها ٻوڏ ايندي تہ اوهان کي لوڙهي ويندي. هائو، اها بار بار ايندي، پوءِ صبح هجي توڙي منجھند يا رات. جڏهن اوهين خدا جو هي پيغام سمجھندا، تڏهن اوهان کي تمام گھڻي دهشت وٺي ويندي.


هن تيرانداز دشمن وانگر حملو ڪري پنهنجي طاقت سان اسان جي پيارن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن اسان جي وطن تي پنهنجو قهر باهہ جيان نازل ڪيو. هائو، هن سڄي پياري صيئون کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو.


آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي خدا بار بار سزا ڏيندو رهي ٿو.


ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“


تنهنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ خدا جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا.


آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس، پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو. آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس، اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘


هن کين چيو تہ ”مون کي نعوميہ نہ سڏيو، بلڪ مون کي مارہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق منهنجي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ