Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 5:9 - Muslim Sindhi Bible

9 بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جو اهڙا وڏا وڏا ڪم ٿو ڪري، جي تپاس ڪرڻ کان ٻاهر آهن، عجيب غريب ڪم، جي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 5:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جي آءٌ پنهنجو ڪنڌ مٿي ٿو کڻان، تہ تون ببر شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پوندين، ۽ وري وري مون کي پنهنجي عجيب ڪمن جي وسيلي ڏک ڏيندين.


”ڏسو، منهنجي اکين هي سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي، منهنجي ڪنن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي، ۽ آءٌ اهو سڀ سمجھان بہ ٿو.


اليهوءَ وڌيڪ چيو تہ ”اي ايوب! هيءَ ڳالهہ ڌيان سان ٻڌ، ماٺ رهہ ۽ خدا جي عجيب وَ غريب ڪمن تي غور ڪر.


ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ ڪڪر آسمان ۾ ڪيئن ٿا ترن؟ هي عجيب وَ غريب ڪم انهيءَ جا ئي آهن، جيڪو علم ۾ ڪامل آهي.


خدا پنهنجي آواز سان عجيب نموني گجگوڙ ٿو ڪري. هو وڏا وڏا معجزا ڪري ٿو، جيڪي اسين سمجھي نہ ٿا سگھون.


تون چوين ٿو تہ مون تنهنجي حڪمت بابت پڇڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي آهي، جڏهن تہ آءٌ بلڪل اڻ‌ڄاڻ آهيان. بيشڪ مون اهڙين حيرت‌ناڪ ڳالهين بابت ڳالهايو آهي، جيڪي منهنجي سمجھہ کان گھڻو مٿي هيون ۽ جن بابت مون کي ڪا ڄاڻ نہ هئي.


هو اهڙا تہ وڏا وڏا ۽ بي‌شمار عجيب ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن.


جيڪڏهن آءٌ انهن کي ڳڻيان تہ اهي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻيون آهن. مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو جڏهن جاڳان ٿو تہ پاڻ کي تو سان لهان ٿو.


اي خداوند! بيشڪ تون عظيم ۽ واکاڻ جي لائق آهين، بلڪ تنهنجي عظمت سوچ کان بہ مٿاهين آهي.


اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.


تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.


بيشڪ تون عظيم آهين ۽ تنهنجا ڪم عجيب آهن، ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي خدا آهين.


خدا دنيا کي ائين پيدا ڪيو آهي جو هر شيءِ پنهنجي مناسب وقت تي پوري ٿئي ٿي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن اسان انسانن جي دلين ۾ اصل مقصد جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش پڻ پيدا ڪئي آهي. پر ان جي باوجود اسين سندس ڪمن جي جاچ شروع کان آخر تائين ڪري نہ ٿا سگھون.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو يا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ خداوند ئي هميشہ قائم رهندڙ خدا آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جو خالق آهي. اهو نہ ٿڪجي ٿو، نڪي ساڻو ٿو ٿئي. هن جي حڪمت سمجھڻ کان ٻاهر آهي.


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ