Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر جهڙيءَ طرح باهہ جون چڻنگون آسمان ڏانهن ئي اڏامنديون آهن، تهڙيءَ طرح انسان بہ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي تڪليف پيدا ڪري ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر ماڻهو تڪليف جي لاءِ ڄائو آهي، جيئن ڪي چڻنگون مٿي اُڏامنديون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 5:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”فاني انسان، جيڪي عورت مان پيدا ٿين ٿا، چند ڏينهن جي زندگي ماڻين ٿا، ۽ ڏک سان ڀريل رهن ٿا.


”ڇا ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي جنگي بيگار نہ آهي؟ ڇا هن جا ڏينهن مزدور جي ڏينهن وانگر نہ آهن؟


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


سڀ شيون لڳاتار ساڳيو ئي ڪم ڪنديون رهنديون آهن. انسان ڳالهائڻ سان انهن بابت سمجھاڻي نہ ٿو ڏيئي سگھي، ۽ ڏسڻ سان هو انهن جو مطلب نہ ٿو سمجھي سگھي، نڪي ٻڌڻ سان مطمئن ٿي ٿو سگھي.


انهيءَ مان ظاهر آهي تہ انسان پنهنجي سوچ ويچار سان ڪيل محنت ۽ مشقت مان ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿو ڪري.


انسان جي پوري حياتي ڏکن سان ڀريل آهي ۽ سندس محنت هڪ عذاب آهي. ايتري قدر جو رات جو بہ سندس خيال کيس آرام ڪرڻ نہ ٿا ڏين. اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي.


آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.


اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. خدا سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ