2 خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.
2 ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.
جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب مان هن کي ٻار نہ ٿو ٿئي تڏهن هوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ کان سڙڻ لڳي. سو هن يعقوب کي چيو تہ ”مون کي بہ اولاد ڏي نہ تہ آءٌ مري وينديس.“
اونان ڄاتو ٿي تہ ”اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو،“ تنهنڪري هو جڏهن بہ پنهنجي ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو تڏهن مني هيٺ هاري ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ٿي پوي.
تون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ رڳو پاڻ کي ئي ٿو نقصان رسائين، ڀلا تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خدا ڌرتيءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ يا تنهنجي ڪري هو ٽڪرن کي سندن جاءِ تان هٽائي ڇڏيندو ڇا؟
اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي بيوقوف پنهنجن گناهن جي ڪري بيمار ٿيا هئا، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا هئا.
اهي احمق هوندا جيڪي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪونہ.“ اهڙا ماڻهو بڇڙا آهن ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿا. انهن منجھہ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو نيڪي ڪري.
آءٌ مغرورن کي چوان ٿو تہ ’اوهين غرور نہ ڪريو،‘ ۽ بڇڙن کي چوان ٿو تہ ’اوهين پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو.
هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بيوقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ
بيوقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.
جيڪو خداوند جي حڪمن تي عمل ٿو ڪري، سو وڏي ڄمار ماڻيندو، مگر جيڪو سندس نافرماني ڪندو سو ضرور مرندو.
غصيلو ماڻهو هميشہ مشڪلاتن ۾ ٿو رهي، ڀلي تہ جيڪڏهن ڪو ڪنهن مشڪل مان کيس ڇڏائي، تہ بہ اهو وري وري ائين ئي ڪندو رهي ٿو.
پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري اڃا بہ وزني ٿئي ٿي، مگر بيعقل جي بيعقلي ٻين لاءِ انهن کان وڌيڪ ڳري آهي.
اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بيوقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.
پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بيعقلن جي دلين ۾ رهي ٿي.
اسرائيل وارا بيعقل ۽ بيسمجھہ ڪبوتر جيان هيڏانهن هوڏانهن ٿا اُڏرن. اهي مدد لاءِ مصرين کي ٿا ٻاڏائين، ۽ اشور ملڪ ڏانهن پڻ وڃڻ ٿا چاهين.
تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“
پر جيڪي خودغرض آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قهر نازل ٿيندو.
اهڙي ئي قسم جي ماڻهن مان ڪي لڪ چوريءَ گھرن ۾ گھڙي اهڙين بيعقل عورتن کي پنهنجي چنبي ۾ آڻين ٿا، جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري پريشان رهندي طرح طرح جي برين خواهشن ۾ ڦاٿل رهن ٿيون.