Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هو پستيءَ ۾ ڪري پيلن کي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ۽ غمگينن کي خوشحاليءَ سان سرفراز ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اهڙو جو جيڪي هيٺ آهن تن کي مٿي ويهاري ٿو، ۽ جيڪي ڏک ڪن ٿا سي چڙهي وڃي سلامتيءَ کي پهچن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 5:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جيڪي هيٺ ڪيرايا ويا آهن، تن کي تنهنجي دعا جي وسيلي بلند ڪيو ويندو، هائو، انهن دلگيرن کي خدا بچائي وٺندو.


سچارن تان هو پنهنجي مهر جي نظر نہ ٿو هٽائي، بلڪ انهن کي بادشاهن وانگر هميشہ لاءِ تخت تي ويهاري ٿو، اهڙيءَ طرح هو کين سرفراز ڪري ٿو.


ايتري قدر جو جيتوڻيڪ شروعات ۾ تو وٽ ٿورو ڪجھہ هو، تہ بہ پڇاڙيءَ ۾ تو وٽ تمام گھڻو هوندو.


پر هو محتاجن کي مصيبت مان ڇڏائي خوشحال بڻائي ٿو، ۽ سندن خاندانن کي ڌڻن وانگر وڌائي ڇڏي ٿو.


هو مسڪينن ۽ محتاجن کي مٽيءَ ۽ ڪچري جي ڍير تان کڻي بلنديءَ تي پهچائي ٿو،


خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا.


ٻيلي جا سڀ وڻ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. آءٌ ئي آهيان جيڪو بلند وڻن کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏيان ۽ ننڍن وڻن کي وڌائي وڏو ٿو ڪريان. آءٌ ئي آهيان جيڪو سائي وڻ کي سڪائي ٿو ڇڏيان ۽ سڪل وڻ کي سائو ڪري ٿو ڇڏيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي، ۽ اهو سڀ ڪجھہ آءٌ ئي ڪري ڏيکاريندس.“


سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي بکايل آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڍءُ ڪرايو ويندو. سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي روئو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين کِلندا.


اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،


غريب ايمان واري کي مسيح ۾ پنهنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي،


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن پنهنجي وڏي رحمت سان عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح اسان ۾ هڪ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي


هاڻي خدا، جيڪو هر طرح جي فضل جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي دائمي جلوي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ