Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 5:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هو زمين تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٻنين کي ريج ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 5:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هن برسات لاءِ قانون ٿي ٺاهيو، ۽ گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ٿي ڪيائين،


هو ئي آهي، جيڪو پاڻيءَ کي بخارن جي صورت ۾ زمين تان ڇڪي وٺي ٿو، ۽ اهو پاڻي وري مينهن جي صورت ۾ هيٺ ٽمڻ لڳي ٿو.


هائو، خدا ڪڪرن مان مينهن کي پلٽي ٿو، ۽ پوري انسانذات مٿان انهيءَ جو جھجھو ڦوهارو وسائي ٿو.


هو برف کي زمين تي ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي، ساڳيءَ طرح برسات جي وڏ ڦڙي وسڪاري کي بہ حڪم ٿو ڏئي.


انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو.


تو پنهنجي ميراث واري ملڪ ۾ جھجھو مينهن وسايو هو. جڏهن ملڪ ٺوٺ ٿي رهيو هو، تڏهن تو انهيءَ کي تازگي بخشي هئي.


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ