تڏهن هن جو مالڪ مون خدا کي شاهد بڻائي انهيءَ غلام کي در تي يا در جي چانئٺ تي آڻي بيهاريندو ۽ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو. پوءِ هو سڄي حياتيءَ لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.
اٽڪل هڪ مهيني کان پوءِ عمون جو بادشاهہ ناحس لشڪر وٺي جِلعاد علائقي جي شهر يبيس تي چڙهائي ڪري آيو ۽ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين. تڏهن يبيس شهر جي ماڻهن ناحس کي چيو تہ ”اسان سان معاهدو ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي حڪمراني مڃينداسين.“