Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 41:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهڙو ڪير آهي جيڪو ان تي حملو ڪري پاڻ کي محفوظ رکي سگھي؟ بيشڪ سڄيءَ دنيا ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ڪنهن مون کي شروع ۾ ڪجهہ ڏنو آهي جو آءٌ هن کي اُن جي عيوض موٽائي ڏيان؟ ساري آسمان هيٺان جيڪي بہ آهي سو منهنجو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 41:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پاتال خدا جي آڏو بلڪل کُليل آهي، هائو، سندس لاءِ انهيءَ تي ڪو پردو پيل ڪونهي.


هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين نظر ڊوڙائي ٿو، هائو، هو آسمان جي هيٺان واري هر شيءِ کي ڏسي ٿو.


هڪ تہ تون خدا جي فيصلن تي راضي ناهين، ٻيو وري چاهين ٿو تہ خدا تنهنجي مرضيءَ تي هلي، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ هاڻي فيصلو تو کي ڪرڻو آهي، نہ مون کي، تنهنڪري جيڪا ڳالهہ تون صحيح ٿو سمجھين سا ٻڌاءِ.


يا وري جيڪڏهن تون نيڪيءَ جا ڪم ٿو ڪرين، تہ خدا تي ڪهڙو احسان ٿو ڪرين؟ يا هن کي تنهنجي هٿان ڪجھہ حاصل ٿئي ٿو ڇا؟


هاڻي آءٌ تو کي نہ رڳو سامونڊي بلا جي عضون بابت ٻڌائيندس، بلڪ سندس گھڻي طاقت ۽ ڊولائتي بدن بابت بہ ٻڌائيندس.


خدا اوچتو ئي اوچتو جبلن کي هٽائي ٿو ڇڏي، بلڪ هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪري ٿو ڇڏي.


آسمان تہ بيشڪ خداوند جي ئي هٿ هيٺ آهن، پر ڌرتي هُن اسان انسانذات کي ڏيئي ڇڏي آهي.


تو عمدين برڪتن سان اچي کيس نوازيو آهي، ۽ سندس مٿي تي نج سون جو تاج رکيو اٿيئي.


ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.


توڙي جو آءٌ بکايل هجان ها تہ بہ اوهان کي ڪين ٻڌايان ها، ڇاڪاڻ تہ هيءَ دنيا توڙي منجھس جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ منهنجو ئي آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي،


ڇا ڪنهن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آهي، جو بدلي ۾ هو کيس ڪجھہ ڏئي؟“


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون ئي آهن.“


پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي قربان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ملامت ڪري اهو نہ کائو.


ڏسو، عرش عظيم سميت سمورا آسمان، زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو سڀ خداوند اوهان جي خدا جو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ