Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 40:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڇا تنهنجي بازن ۾ مون خدا جهڙي طاقت آهي؟ ڇا تون منهنجي آواز وانگر گجگوڙ ڪري ٿو سگھين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 يا تنهنجي ٻانهن ڪا خدا جهڙي آهي ڇا؟ ۽ تون ڪو هن وانگر آواز سان گجگوڙ ڪري سگهندين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 40:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ڇا خدا پنهنجي عظيم قدرت منهنجي خلاف استعمال ڪري ها؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هو منهنجي ٻڌي ها.


اوهين سڀ ڌيان سان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، هائو، سندس واتان نڪرندڙ اها گجگوڙ تہ ٻڌو.


خدا بيحد ڏاهو ۽ نهايت قدرت وارو آهي. ڪير آهي جيڪو سندس مقابلي ۾ اچي سلامت رهيو هجي؟


خداوند جو آواز بحرن تي آهي، جلال وارو خدا گجگوڙ ڪري ٿو. بيشڪ وسيع بحرن جي مٿان انهيءَ جو آواز گونجي ٿو.


خداوند جو آواز وڏي قدرت ۽ زور وارو آهي. هائو، سندس آواز شاهي شان وارو آهي.


تو سامونڊي بلا رهب کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو آهي. تو پنهنجو زورآور هٿ کڻي پنهنجي ويرين کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي.


تنهنجي قدرت تمام مٿاهين آهي. تنهنجو هٿ زورآور آهي ۽ تون طاقت وارو آهين.


اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.


اي خداوند! تنهنجو هٿ طاقت ۾ اعليٰ آهي، اي خداوند! تنهنجي زورآور هٿ دشمن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


مون خداوند اوهان جي لاءِ ڪوڙڪي اڏي هئي، جنهن ۾ اوهين ڦاٿا آهيو، ۽ انهيءَ جي اوهان کي خبر ئي نہ پئي. هائو، مون اوهان کي آڻي ڦاسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مون خداوند خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا.


پردار آسماني مخلوق جي پرن جو آواز ايڏو تہ وڏو هو جو ڄڻ قادرِمطلق خدا جي ڳالهائڻ جو آواز هجي. اهو آواز ٻاهرين اڱڻ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟


هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻي وٺن تہ خداوند ڪيڏي نہ وڏيءَ قدرت وارو آهي ۽ انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ