16 پر ڏس تہ هن جي بدن ۾ ڪيتري نہ قوت آهي! ۽ هن جي مشڪن ۾ ڪيتري نہ طاقت آهي!
16 هاڻي ڏس، هن جو زور هن جي چيلهہ ۾ آهي، ۽ هن جي طاقت هن جي پيٽ جي مشڪن ۾ آهي.
”هاڻي دريائي گھوڙي تي نظر ڪر، جنهن کي بہ تو وانگر مون ئي خلقيو آهي، هو ڏاند وانگر گاهہ کائي ٿو.
هو پنهنجي پڇ کي ديال جي ڪاٺ جيان کڙو ٿو ڪري، هن جي رانن جون ماس پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان ڳتيل آهي.
ان جي ڪنڌ ۾ ايتري تہ طاقت ٿي رهي جو سندس سامهون ايندڙ ماڻهو ان کي ڏسي دهشت وچان ڦهڪو ڏيئي ٿو ڪِري.