Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳالهين تہ ڪرندڙن کي بہ سنڀالي ورتو آهي، هائو، ٿڙي ويندڙ قدمن کي بہ تو قائم رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تنهنجي ڪلام انهي کي جهلي ورتو آهي جو ڪرڻ تي هو، ۽ تو ضعيف گوڏن کي مضبوط ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 4:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪي بہ ماڻهو منهنجي نيڪ ڪمن بابت ٻڌندا يا اُهي ڏسندا هئا، سي مون کي مبارڪ سڏيندا هئا، ۽ منهنجي نيڪيءَ جي شاهدي ڏيندا هئا.


آءٌ ئي سندن اڳواڻي ڪندو هئس، ۽ سندن لاءِ واٽون مقرر ڪندو هئس. آءٌ منجھن ائين رهندو هئس، جيئن ڪو بادشاهہ پنهنجي سپاهين ۾ رهي، آءٌ سندن ڏکن ۾ کين تسلي ڏيندو هئس.“


ڏس، تو گھڻن ئي کي تعليم ڏني آهي، گھڻن ئي هيڻن جي همراهي ڪئي اٿيئي.


پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين!


اي خداوند! مشڪلاتن ۾ ڦاٿلن کي تون ئي سنڀالي ٿو وٺين، هائو، سڀني ڪرندڙن کي تون ئي اٿاري کڙو ڪرين ٿو.


تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.


صحيح وقت تي صحيح ڳالهہ چوڻ ائين آهي، جيئن سون تي سهاڳو هجي.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي.


پر خدا جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ