Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ڏس، تو گھڻن ئي کي تعليم ڏني آهي، گھڻن ئي هيڻن جي همراهي ڪئي اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڏس تو گهڻن کي تعليم ڏني آهي ۽ ضعيف هٿن کي مضبوط ڪيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 4:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.


پر نہ، آءٌ تہ پنهنجي مشورن سان اوهان کي همتايان ها، ۽ منهنجي واتان ڏنل تسلي، جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي ها.“


”جيڪي بہ ماڻهو منهنجي نيڪ ڪمن بابت ٻڌندا يا اُهي ڏسندا هئا، سي مون کي مبارڪ سڏيندا هئا، ۽ منهنجي نيڪيءَ جي شاهدي ڏيندا هئا.


آءٌ انڌن جي لاءِ اکيون، ۽ منڊن جي لاءِ پير هوندو هئس.


محتاجن جي آءٌ پيءُ وانگر سار سنڀال لهندو هئس، ۽ جن کي آءٌ سڃاڻيندو ئي نہ هئس، عدالت ۾ تن جي بہ حقن جي حفاظت ڪندو هئس.


اڳي جڏهن آءٌ ڪا صلاح مشورو ڏيندو هئس، تہ ماڻهو خاموش ٿي ويندا هئا، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوندو هئس سو ڌيان ڏيئي ٻڌندا هئا.


تنهنجي ڳالهين تہ ڪرندڙن کي بہ سنڀالي ورتو آهي، هائو، ٿڙي ويندڙ قدمن کي بہ تو قائم رکيو آهي.


سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين مان گھڻا ئي فائدو حاصل ڪن ٿا، مگر بي‌وقوف ماڻهوءَ جون ڳالهيون ئي کيس وقت کان اڳي ماريو ڇڏين.


عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بي‌وقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.


عقلمند انسان سمجھہ وارو سڏجي ٿو، مِٺَ زبانيءَ جي ڪري گھڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ورهائجي ٿي.


اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


اوهان پنهنجن ڪوڙن سان سچارن جون دليون ٽوڙي وڌيون آهن، جيتوڻيڪ آءٌ انهن جو غمگين ٿيڻ نہ ٿو چاهيان. ان کان علاوہ اوهان بدڪارن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جنهن جي ڪري اهي خراب رستي کان باز اچي پنهنجي جان نہ ٿا بچائين.


انهيءَ ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ ”اي صيئون تي اڏيل شهر! تون ڪوبہ خوف نہ ڪر. تون پنهنجي همت نہ هار.


پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


ايتري ۾ آسمان مان هڪڙو ملائڪ نازل ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني.


اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.


پر يشوع کي حڪم ڏي، کيس مضبوط ۽ همت وارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن قوم کي پار وٺي ويندو ۽ هو ئي انهيءَ ملڪ جو کين وارث بڻائيندو جيڪو تون ڏسندين.‘


اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي فضيلت واري ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ