Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 4:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هو صبح جو تہ آهن پر شام ٿيڻ تائين اهي مريو وڃن، هائو، هميشہ هميشہ لاءِ اهي چٽ ٿي وڃن ٿا، ڪوبہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 صبح ۽ شام جي وچ ۾ هو ناس ٿي وڃن ٿا: هو هميشہ لاءِ چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪو بہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 4:20
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ هو پنهنجي پائخاني وانگر هميشہ لاءِ فنا ٿي ويندا. پوءِ جن کين ڏٺو هوندو سي چوندا تہ ’هو ڪيڏانهن ويا؟‘


نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي.


جيتوڻيڪ بڇڙا ماڻهو گاهہ جيان اُسرن ٿا، هائو، اهي خطاڪار وڌن ۽ ويجھن ٿا، تنهن هوندي بہ آخرڪار اهي هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندا.


تون پنهنجي هٿ کي روڪ، تہ جيئن آءٌ گھڙي کن خوشي ڏسي وٺان، ان کان اڳ جو آءٌ رحلت ڪريان ۽ فنا ٿي وڃان.


پر پوءِ جڏهن آءٌ انهيءَ وٽان لنگھيس، تڏهن ڏٺم تہ اهو هو ئي ڪين. مون انهيءَ جي ڳولا ڪئي پر مون کان لڌو ئي ڪين.


دنيا مان هنن جي يادگيري مِٽائي ويندي، سندن ڪو نالو نشان بہ نہ رهندو.


ٻي صورت ۾ هاڻ تہ منهنجي حياتيءَ جا سال پورا ٿيڻ وارا آهن، ۽ پوءِ آءٌ انهيءَ راهہ تي روانو ٿي ويندس، جتان ڪوبہ نہ ٿو موٽي.


جڏهن تون هن تي پنهنجو دٻاءُ رکين ٿو، تڏهن هو هميشہ لاءِ گذاري وڃي ٿو. تون عمر سان گڏوگڏ هن جي شڪل بہ ڦيرائي ڇڏين ٿو، ۽ کيس روانو ڪري ڇڏين ٿو.


جيڪڏهن ائين ممڪن آهي، جو ماڻهو مري وڃڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿئي، تہ پوءِ آءٌ پنهنجي سخت پورهئي واري حياتي گذاريندي، ان جو انتظار ڪندو رهندس، تان‌تہ آءٌ انهيءَ سختيءَ مان ڇٽي نڪران.


اهي گل وانگر ٽڙي نڪرن ٿا، ۽ پوءِ ڪومائجي وڃن ٿا. هو پاڇي وانگر جلدي لنگھي وڃن ٿا، ۽ هڪ هنڌ ڪين بيهن ٿا.


يهورام ٻٽيهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ بڻيو ۽ يروشلم ۾ رهي اٽڪل اٺ سال بادشاهي ڪيائين. هن جي مرڻ تي ڪنهن بہ سوڳ نہ ڪيو. کيس دفن تہ دائود جي شهر ۾ ئي ڪيو ويو پر شاهي قبرستان کان ٻاهر.


قوم قوم کي ٿي چٿيو، ۽ شهر شهر سان ٿي وڙهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت ۾ ٿي مبتلا ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ