Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهي انهن شينهن وانگر آهن، جيڪي شڪار نہ ملڻ ڪري مري وڃن ٿا، ۽ انهن جا ٻچا ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ٻڍو شينهن شڪار نہ ملڻ ڪري مري ٿو، ۽ شينهڻ جا ٻچا پري پکڙي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 4:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اي منهنجا پٽ يهوداہ! تون اهڙو جوان شينهن آهين، جيڪو شڪار کي ماري اتان هليو ٿو اچين، ۽ ليٽي ڪري سمهين ٿو رهين، هاڻ ڪير آهي جيڪو تو کي اٿاري سگھي؟


تہ اوچتو ئي اوچتو بيابان جي پاسي کان سخت واءُ اچي ڪڙڪيو، جنهن جي زور کان اهو گھر انهن مٿان ڪري پيو ۽ اهي سڀ مري ويا. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


سندن ٻارن جي اها حالت ٿيندي جو اهي غريبن آڏو وڃي پنهنجو هٿ ٽنگيندا، ڇو تہ جيڪا بہ دولت شريرن گڏ ڪئي هوندي، تنهن کان سندن اولاد کي دستبردار ڪيو ويندو.


بدڪار ماڻهن جي ڏندن مان آءٌ شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هئس، هائو، بدڪارن جون ڄاڙيون ڀڃي، تن کان ستايلن کي ڇڏائيندو هئس.“


”اي ايوب! ڇا تون شينهڻ جي لاءِ شڪار ڪري ٿو سگھين، جڏهن اها پنهنجي غارن ۾ لڪي وڃي ٿي؟ يا ڪو شڪار آڻي جوان شينهن جي بک لاهي ٿو سگھين، جڏهن اهو جھنگ جي ٻوڙن ۾ شڪار جي تاڙ ۾ لڪي ويهي ٿو؟


مگر محتاجن کي خدا انهن ماڻهن جي زبان جي تلوار کان، ۽ زورآورن جي چنبي کان بچائي وٺي ٿو.


هن جا ٻار ٻچا سلامتيءَ کان پري آهن، کين عدالت جي دروازي تي ئي چيڀاٽيو وڃي ٿو، ۽ ڪوبہ کين ڇڏائڻ وارو ڪونهي.


کاڌي جي ڪميءَ جي ڪري شينهن بہ بکيا رهن ٿا، پر خداوند جا طالبو ڪنهن نعمت جا محتاج نہ ٿيندا.


اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان.


ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي.


اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي، قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي. اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي. توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


ڏس، بني اسرائيل زورآور شينهڻ جيان اُٿي کڙا ٿيا آهن، اهڙي شينهڻ جيان جيڪا تيستائين آرام نہ ٿي ڪري جيستائين شڪار کي نہ ٿي ڳڙڪائي ۽ انهيءَ جو رت نہ ٿي پيئي.“


اوهين هڪ جوان شينهن وانگر آهيو، جيڪو جڏهن ستل آهي تہ ڪير ان کي جاڳائڻ جي جرئت ڪندو؟ جيڪو اوهان کي برڪت جي دعا ڪري ٿو، تنهن کي برڪت ملي ٿي. جيڪو اوهان تي لعنت ڪري ٿو، تنهن کي لعنت ملي ٿي.“


پر خداوند عيسيٰ مون سان گڏ هو، جنهن مون کي طاقت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ