Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 39:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڇا جھنگلي سانُهہ تنهنجي تابعداري ڪرڻ تي تيار رهندو؟ ڇا هو تنهنجي ڍورن جي ڪونر وٽ اچي رات رهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جهنگلي ڏاند ڪو تنهنجي تابعداري ڪرڻ ۾ راضي رهندو ڇا؟ يا هو ڪو تنهنجي آهر جي ڀرسان رهندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 39:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا تون ڪنهن جھنگلي سانَهہ کي رسيءَ سان ٻڌي هر ۾ جوٽي ٿو سگھين؟ ڇا هو تنهنجي پٺيان هلندي، تنهنجي ٻنين کي سنوارڻ لاءِ ليٽڻ گھمائيندو؟


جبلن جي قطار انهن جي چاري جي جاءِ آهي، جتي اهي ساوڪ جي ڳولا ۾ رهن ٿا.


مون کي هنن بگھڙن جي وات منجھان اچي ڇڏاءِ. هائو، تون مون کي هنن ويڙهاڪن سانَهن جي سڱن کان بچاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل لاچار آهيان.


هو لبنان جي ٽڪرن کي گابي وانگر ٿو ڪُڏائي. هو حرمون جبل کي وهڙي جيان ٽپا ٿو ڏياري.


پر مون کي تو جھنگلي سانَهہ جهڙي سگھہ عطا ڪئي آهي، ۽ چڱين چڱين برڪتن سان نوازيو اٿيئي.


جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“


ادوم جا جھنگلي سانَهہ ماڻهن سان گڏ ماريا ويندا. بلڪ سندن طاقتور ڏاند پڻ ماريا ويندا. انهن جي ملڪ کي سندن رت سان ريج اچي ويندو، ۽ هنن جي چرٻي سندن ٻنين کي ڀري ڇڏيندي.“


بيشڪ جنهن خدا کين مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي.


جيئن جوان ڍڳو يا جھنگلي سانَهہ تمام طاقتور ٿين ٿا، تيئن بني يوسف جي طاقت ئي سندن شان آهي. جهڙيءَ طرح جھنگلي سانُهہ پنهنجي سڱن سان حملو ڪري ٿو، تهڙيءَ ئي طرح افرائيم ۽ منسي قبيلي وارن جا لکين ماڻهو سڀني قومن کي ڌِڪي ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين پهچائيندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ