Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 38:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن مون ڌرتيءَ جا بنياد وڌا هئا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جيڪڏهن تون موجود هئين تہ مون کي انهيءَ ڳجھہ بابت ڪجھہ ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 جڏهن مون زمين جا بنياد وڌا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جي توکي سمجهہ آهي تہ ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 38:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو.


اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.


ڇا سڀ کان پهريون انسان تون ئي پيدا ٿيل آهين؟ ڇا تنهنجي پيدائش جبلن ٺهڻ کان پهريائين ئي ٿي هئي؟


شروعات ۾ خالق جڏهن هوا جو زور مقرر ٿي ڪيو، ۽ ڪڪرن لاءِ پاڻيءَ جو مقدار ٿي مقرر ڪيائين،


ڀلا ڌرتيءَ جي اختياري ۽ پوريءَ دنيا جو انتظام خدا کي ڪنهن ٻئي ڏنو آهي ڇا، جو هو ان کي پرائي ملڪيت سمجھي بي‌انصافي ڪندو؟


تو ئي قديم زماني کان زمين جو بنياد وڌو هو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.


اهي سڀ نابود ٿي ويندا، رڳو تون ئي باقي رهندين. سڀيئي شيون پوشاڪ وانگر پراڻيون ٿي وينديون، انهن کي تون ڪپڙن جيان هٽائيندين ۽ اهي نابود ٿي وينديون.


تو ڌرتيءَ کي سندس بنيادن تي قائم ڪيو آهي، تان‌تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ اچي.


بيشڪ خداوند ڏاهپ سان ڌرتيءَ جي جوڙجڪ ڪئي، ۽ نهايت سمجھہ سان آسمان کي قائم ڪيائين.


ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.


ڏاهپ چوي ٿي تہ ”اڳي، گھڻو اڳي جڏهن خداوند هر شيءِ کي بڻائڻ وارو هو، تڏهن هن سڀني کان اڳ ۾ مون کي پيدا ڪيو هو.


ڇا خدا ڪنهن کان صلاح مصلحت ورتي آهي، جو اهو خدا کي عدل ۽ علم سيکاري؟ ڇا ڪنهن خدا کي حڪمت جي راهہ کان آگاهہ ڪيو آهي؟


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“


هو فرزند کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ ”اي خداوند! تو شروع ۾ زمين کي بڻايو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.


پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ