3 هاڻي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌ، ۽ تو کان جيڪي پڇان تنهن جو جواب ڏي.
3 هاڻي مڙس ٿي پنهنجي چيلهہ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پڇندس ۽ تون مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.
خداوند جو هٿ الياس نبيءَ تي هو. سو هن چادر سان پنهنجو سندرو ٻڌو ۽ يزرعيل شهر تائين اخياب جي گاڏيءَ اڳيان ڊوڙندو ويو.
توڙي جو هو مون کي کڻي ڪهي بہ ڇڏي، خير آهي، هاڻي مون وٽ بچيو ئي ڇا آهي جو آءٌ ڊڄان، سو آءٌ هن جي اڳيان پنهنجي واٽن جو بچاءُ ضرور ڪندس.
پوءِ پهريائين تون ڳالهاءِ، آءٌ تو کي ورندي ڏيندس، يا ڇڏ تہ پهريائين آءٌ ڳالهايان، پوءِ تون مون کي ورندي ڏي.
پر مون جهڙي ادنيٰ انسان کي ڪهڙي طاقت آهي، جو خدا کي اهو سيکاري سگھان؟ جڏهن تہ خدا انهن جي بہ عدالت ڪري ٿو جيڪي اعليٰ آهن.
”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“
”هاڻي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌ، ۽ تو کان جيڪي پڇان تنهن جو جواب ڏي.
تو مون کي چيو هو تہ ’منهنجي ٻڌ، آءٌ ڪجھہ ڳالهائيندس ۽ تو کان پڇندس، تون مون کي انهيءَ جو جواب ڏي.‘
بني اسرائيل مان هر ڪو اهو هن طرح کائي جو سفر لاءِ سندس سندرو ٻڌل هجي، سندس پيرن ۾ جتي هجي ۽ هٿ ۾ لٺ هجيس. هر ڪو اهو تڪڙ ۾ کائي وٺي. اها فصح نالي پاڪ عيد آهي، جيڪا آءٌ خداوند مقرر ڪريان ٿو.
هوءَ سخت محنت ڪندڙ، صحتمند ۽ جفاڪش ٿئي ٿي.
سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.
تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.