پوءِ بادشاهہ رحبعام انهن ماڻهن سان صلاح ڪئي، جيڪي سندس پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ سندس صلاحڪار هئا. هن کانئن پڇيو تہ ”هنن ماڻهن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟“
حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوهان کي تعليم ڏيندڙ ٿيڻ گھربو هو، پر اوهين اڃا تائين انهيءَ ڳالهہ جا محتاج آهيو تہ ڪو ماڻهو وري اوهان کي خدا جي پيغام وارين بنيادي ڳالهين جي تعليم ڏئي. سو اوهان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آهي.