Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 3:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جن جي حياتيءَ جو مقصد ئي ختم ڪيو ويو آهي، تن کي حياتي ڇو ٿي ڏني وڃي؟ هائو، جن کي خدا چوڌاري لوڙها ڏيئي بند ڪري رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 جنهن ماڻهوءَ جو رستو لڪل آهي تنهن کي روشني ڇو ٿي ڏيڻ ۾ اچي؟ ۽ جن کي خدا چوڌاري لوڙهو ڏيئي بند ڪري ڇڏيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 3:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ياد رکو، جنهن کي هو ڊاهي ٿو، سو وري اڏجي نہ ٿو سگھي، جنهن ماڻهوءَ کي هو قيد ٿو ڪري، سو وري ڇٽي نہ ٿو سگھي.


تون منهنجيون ٽنگون بہ ڪاٺ ۾ ٿو وجھين، ۽ منهنجي بچاءَ جا سڀ رستا بہ بند ٿو ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو منهنجا پير لِيڪي ٿو ڇڏين.


هن مون تي حملي ڪرڻ لاءِ ڄڻ مصيبتن جون فوجون موڪليون آهن، جيڪي منهنجي گھر جي چوڌاري مورچا ٺاهي گھيرو ڪيو ويٺيون آهن.


پر ائين نہ آهي بلڪ خدا پنهنجي ڪنهن منصوبي تحت مون کي پستيءَ ۾ اڇلايو آهي، هائو، هن مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي چوڌاري پنهنجو ڄار وڌو آهي.


خدا منهنجي راهہ ۾ اهڙو لوڙهو هڻي ڇڏيو آهي، جو آءٌ لنگھي نہ ٿو سگھان. هن منهنجي رستن کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي.


اهي تڏهن ئي شادمان ۽ خوش ٿين ٿا، جڏهن مري وڃي قبر ۾ پون ٿا.


تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.


تو منهنجي ويجھن ساٿين کي مون کان پري ڪيو آهي، سندن نظر ۾ تو مون کي ڪراهت جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ اهڙي بند ۾ پيو آهيان جنهن مان بچي نڪري نہ ٿو سگھان.


ڏکن جي ڪري منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ايندو ٿو وڃي. اي خداوند! هر روز آءٌ تو ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگھيري تو کي پڪاريندو ٿو رهان.


تنهنڪري اي بني يعقوب! اوهين ڇو شڪايت ٿا ڪريو؟ هائو، اي بني اسرائيل! اوهين ڇو اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تہ خدا اوهان جي تڪليفن کي نہ ٿو ڄاڻي، يا هو اوهان سان ٿيندڙ ناانصافيءَ ۾ اوهان جي سار سنڀال نہ ٿو لهي؟


خدا مون کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، آءٌ هڪ اهڙي قيديءَ جيان آهيان، جنهن کي نڪري ڀڄي وڃڻ جي ڪا اميد ڪانهي.


منهنجي هر ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ٿي. هائو، خدا وڏا وڏا پٿر رکي منهنجيون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن.


تنهنڪري هاڻي آءٌ لوڙهو ڏيئي سندس رستو بند ڪندس، هائو، هن جي آڏو ڀت ڪڍندس، تان‌تہ کيس ڪو رستو نہ ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ