Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هائو، آءٌ ڌرتيءَ جي انهن بادشاهن ۽ وزيرن وانگر پيو هجان ها! جن پنهنجي لاءِ مقبرا اڏي ڇڏيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 زمين جي بادشاهن ۽ مشيرن سان گڏ، جن پنهنجي لاءِ ويران جايون اڏايون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 3:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ هو ويران شهرن ۾ رهندا، هائو، اهڙن غير آباد گھرن ۾، جيڪي ڊهي ڍير ٿيڻ وارا آهن.


تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.


اوهين زمانن کان ويران پيل اهي جايون وري جوڙيندا، جيڪي ڪيترين ئي پيڙهين کان ويران رهنديون اچن. سو اوهين ’ڊٺل ديوارن کي وري اڏيندڙ‘ ۽ ’برباد ٿيل گھرن جي مرمت ڪندڙ‘ جي نالن سان ڄاتا ويندا.“


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي لالچ وچان گھر سان گھر ۽ ٻنيءَ سان ٻني ملائيندا ٿا وڃو، ايتري تائين جو ڪابہ جاءِ ٻين لاءِ باقي نہ بچي، ۽ ٻيا ماڻهو ملڪ ۾ بي‌گھر ۽ بي‌در ٿي رهن.


اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جيڪو موت نہ ڏسندو ۽ پيو جيئندو؟ ڇا ڪو اهڙو آهي جيڪو قبر کان پنهنجي جان بچائي سگھندو؟


جيئن رڍون ڪسڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن، تيئن اهي قبر ۾ وڃي پوندا. هائو، موت اچي تن جو ڌنار ٿيندو ۽ سچار مٿن اچي غالب ٿيندا. انهن جو جسم هڪدم زائل ٿي ويندو ۽ پاتال سندن ٺڪاڻو ٿيندو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


هو صلاحڪارن کي اگھاڙي پيرين قيد ڪرائي ٿو ڪڍي، ۽ ججن کي بي‌عقل ٿو بڻائي ڇڏي.


تنهن بعد هو وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان ستو ۽ کيس پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. پوءِ سندس پٽ رحبعام سندس تخت تي ويٺو.


دائود وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو. کيس سندس ئي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


هو بادشاهن کي تخت تان لاهي ٿو ڇڏي، ۽ انهن کي قيدي بڻائي ٿو ڇڏي.


ڌرتيءَ جا سمورا بادشاهہ، هائو، انهن مان سڀڪو پنهنجيءَ وفات بعد عزت سان پنهنجي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.


”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ