Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 3:13 - Muslim Sindhi Bible

13 نہ تہ جيڪر هن وقت آءٌ قبر اندر پيو هجان ها! هائو، آءٌ ستل هجان ها ۽ آرام پيو ڪريان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو هينئر جيڪر آءٌ هيٺ ليٽيو پيو هجان ها ۽ ماٺ ۾ هجان ها: آءٌ ننڊ پيو ڪريان ها ۽ آرام ۾ هجان ها:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 3:13
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


هن دنيا ۾ ڪي ماڻهو تہ مرڻ جي وقت تائين بہ طاقتور رهن ٿا، ۽ پوري سڪون ۽ آرام سان مري وڃن ٿا.


شرير پنهنجي حياتي سکي ستابي ٿا گذارين، ۽ ڪنهن تڪليف کان سواءِ ئي مريو وڃي قبر داخل ٿا ٿين.


هائو، آءٌ پاڻ انهيءَ کي ڏسندس، منهنجيون پنهنجيون اکيون کيس ڏسنديون، نہ ڪنهن ٻئي جون. انهيءَ گھڙيءَ جي انتظار ۾ منهنجي دل ڪيڏي نہ سڪي ٿي!


مون کي ڪهڙي اميد آهي؟ جڏهن تہ قبر منهنجو گھر آهي، هائو، قبر جي اونداهيءَ ۾ مون پنهنجو هنڌ وڇايو آهي.


اهو ملڪ اونداهي بلڪ گھاٽي اونداهي آهي، جنهن ۾ ڪا ترتيب ناهي، ۽ جنهن جو سوجھرو بہ گھُگھُہ اونداهي آهي.‘“


ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“


پر وري منهنجيءَ ماءُ ڇو مون کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو؟ هن ڇو مون کي پنهنجو ٿڃ پيئاريو؟


هائو، انهيءَ کان اڳ جو آءٌ اوڏانهن هليو وڃان، جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي واري ملڪ ۾.


جڏهن تون هن تي پنهنجو دٻاءُ رکين ٿو، تڏهن هو هميشہ لاءِ گذاري وڃي ٿو. تون عمر سان گڏوگڏ هن جي شڪل بہ ڦيرائي ڇڏين ٿو، ۽ کيس روانو ڪري ڇڏين ٿو.


ٻي صورت ۾ هاڻ تہ منهنجي حياتيءَ جا سال پورا ٿيڻ وارا آهن، ۽ پوءِ آءٌ انهيءَ راهہ تي روانو ٿي ويندس، جتان ڪوبہ نہ ٿو موٽي.


تنهن هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ هڪڙو آهي جيڪو مون کي سچو قرار ڏيندو، هائو، آخرڪار اهو هن ڌرتيءَ تي منهنجي لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو.


جڏهن تہ مرڻ کان پوءِ اهي سڀ ساڳي مٽيءَ ۾ دفن ٿين ٿا، ۽ ڪينئان سڀني کي ڍڪي ٿا ڇڏين.


جيئن برف کي گرمي ۽ خشڪي پگھرائي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي، ساڳيءَ ئي طرح قبر بہ گنهگارن کي ڳاري ڇڏي ٿي.


دنيا مان سندن نالو نشان بہ ختم ٿيو وڃي، ايتري قدر جو پيٽان ڄڻيندڙ ماءُ بہ کين وساري ڇڏي ٿي. ڪينئان کين کائي چٽ ڪن ٿا، هائو، کين وڻ وانگر پٽي ڪيرائي برباد ڪيو وڃي ٿو.


”خدا جي حشمت سبب پاتال منجھہ مري ويلن جا روح ڏڪن ٿا، هائو، ڌرتيءَ جي هيٺين بحرن ۾ اهي ڪنبن ٿا.


پاتال خدا جي آڏو بلڪل کُليل آهي، هائو، سندس لاءِ انهيءَ تي ڪو پردو پيل ڪونهي.


اهڙي ڪابہ اونداهي يا ڪوبہ پاڇو ڪونهي، جتي بدڪار ماڻهو پاڻ کي لڪائي سگھن.


هنن کي پراڻي زماني جي بهادرن وانگر عزت ۽ احترام سان نہ دفنايو ويو. انهن بهادرن کي سندن جنگي هٿيارن سان دفنايو ويندو هو. سندن تلوارون سندن مٿن هيٺان ۽ ڍالون سندن سيني مٿان رکيون وينديون هيون، ڇاڪاڻ تہ اهي دنيا ۾ پنهنجي بهادريءَ سبب دهشت جو باعث هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ