3 تہ جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهہ آهي، ۽ جيستائين خدا مون کي ساهہ کڻڻ جي توفيق ڏئي ٿو،
3 (اڃا تائين منهنجي حياتي مون ۾ ثابت آهي؛)
پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.
هر ساهواري جو روح ۽ هر بني آدم جو ساهہ سندس ئي هٿ ۾ آهي.
پر نہ، اهو تہ خدا قادرِمطلق جو روح ئي آهي، جيڪو انسان ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ کي سمجھہ عطا ڪري ٿو.
انهيءَ لاءِ جو خدا جي روح مون کي جوڙيو آهي، هائو، قادرِمطلق جي دم مون کي حياتي بخشي آهي.
سو فاني انسان تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن انسان جو ساهہ ڪنهن بہ وقت نڪري سگھي ٿو، تنهن مان مدد جي ڪهڙي اميد رکي ٿي سگھجي؟
هو ڪنهن بہ شيءِ جو محتاج نہ آهي جو ڪنهن کان پنهنجي خدمت ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساهہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏئي ٿو.