Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 27:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”جيئري خدا جو قسم آهي، جيڪو مون سان انصاف نہ ٿو ڪري، هائو، انهيءَ قادرِمطلق جو قسم آهي، جنهن منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جيئري خدا جو قسم آهي جنهن منهنجو حق کسي ورتو آهي؛ ۽ قادر مطلق منهنجي روح کي ستايو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 27:2
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوآب چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جيڪڏهن تون ايترو نہ چوين ها تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جو صبح ٿيڻ تائين پيڇو ڪندو رهي ها.“


الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


الياس چيو تہ ”قادرِمطلق جيئري خداوند جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ اڄ ضرور منهنجي ۽ تنهنجي مالڪ جي ملاقات ٿيندي.“


جڏهن هوءَ انهيءَ ٽڪر تي خدا جي ٻانهي وٽ آئي تڏهن هوءَ ڪري پيئي ۽ سندس پيرن کان پڪڙيائين. جيحازي هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجھو آيو، پر انهيءَ خدا جي ٻانهي چيس تہ ”هن کي ڇڏي ڏي. هوءَ ڏاڍي ڏکايل آهي. خداوند مون کان اها ڳالهہ لڪائي آهي ۽ الائي ڇو مون کي نہ ٻڌائي اٿس.“


ڇا تو کي انهيءَ مان ڪو فائدو ٿو ملي، جو مون سان ظلم ڪرين، پنهنجي ئي خلقيل کي ڌڪارين، ۽ بدڪار ماڻهن جي منصوبن کي ڪامياب ڪرين؟


خدا مون کي بڇڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي شريرن جي هٿن ۾ اڇلائي وڌو آهي.


پر ائين نہ آهي بلڪ خدا پنهنجي ڪنهن منصوبي تحت مون کي پستيءَ ۾ اڇلايو آهي، هائو، هن مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي چوڌاري پنهنجو ڄار وڌو آهي.


قادرِمطلق خدا منهنجي همت کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، هائو، اها مصيبت جي اونداهي ناهي، بلڪ خدا ئي آهي، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي، هن ئي منهنجي هر خوشي انهيءَ گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ لڪائي ڇڏي آهي.“


ڳالهہ هيءَ آهي جو ايوب چوي ٿو تہ ’آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا مون سان انصاف نہ ٿو ڪري،


”اي ايوب! ڇا تون اهو درست ٿو سمجھين، جو دعويٰ ڪري چوين ٿو تہ ’آءٌ خدا آڏو سچار ثابت ٿيندس؟‘


ڇا تون منهنجي انصاف کي باطل ثابت ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڏوهاري قرار ڏيندين؟


انهيءَ سبب جو هو تِر جيتري ڳالهہ لاءِ بہ مون کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي، هائو، هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجا زخم وڌائي ٿو ڇڏي.


هو مون کي ساهہ پٽڻ نہ ٿو ڏئي، بلڪ مون کي سخت بي‌حاليءَ سان ڀري ٿو ڇڏي.


تنهنڪري اي بني يعقوب! اوهين ڇو شڪايت ٿا ڪريو؟ هائو، اي بني اسرائيل! اوهين ڇو اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تہ خدا اوهان جي تڪليفن کي نہ ٿو ڄاڻي، يا هو اوهان سان ٿيندڙ ناانصافيءَ ۾ اوهان جي سار سنڀال نہ ٿو لهي؟


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


پر آءٌ جيئرو خداوند پنهنجي انهيءَ جلال جو قسم کڻي چوان ٿو جنهن سان سڄي ڌرتي ڀرپور ٿيندي،


باقي رات هتي ترسي پئُہ. صبح جو جيڪڏهن انهيءَ تنهنجو عيوضو ڀريو تہ سٺو. جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀري تو تي هٿ رکندس. هاڻ صبح تائين هتي ئي ليٽي پئُہ.“


مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.


پوءِ آءٌ هڪڙي ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ ’وڃي تير ڳولي کڻي اچ.‘ پوءِ جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ’ڏس، تون پري نڪري ويو آهين. پر تير تو کان اوريان آهن. اهي وڃي کڻي اچ،‘ تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جيئري خداوند جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ جوکو ڪونهي.


پر اي منهنجا آقا! جڏهن تہ خداوند توهان کي خونريزيءَ کان ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو وير وٺڻ کان روڪيو آهي، سو هاڻ خداوند جيئري جو قسم ۽ توهان جي جان جو قسم آهي تہ شل توهان جا دشمن ۽ اهي سڀيئي جيڪي اوهان جا بدخواہ آهن تن سان بہ نابال جهڙي ٿئي.


خداوند، بني اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن تو کي نقصان رسائڻ کان مون کي روڪيو آهي، تہ جيڪڏهن تون تڪڙ ڪري مون سان اچي نہ ملين ها تہ يقيناً صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين نابال وٽ هڪڙو ڇوڪر بہ جيئرو نہ بچي ها.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ