1 ايوب پنهنجو گفتگو جاري رکندي چيو تہ
1 ۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيو تہ:
انهيءَ وقت اوهان جا پهاڪا اهڙا بيڪار ثابت ٿيندا جهڙي رک، هائو، اوهان جا دليل اهڙا ڪمزور ثابت ٿيندا جهڙي مٽي.“
ايوب وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ
هاڻ آءٌ هڪڙي ڏاهپ واري چوڻيءَ تي غور ڪندس، ۽ سُرندو وڄائيندي آءٌ انهيءَ جي حڪمت جو بيان ڪندس.
آءٌ پنهنجيون ڳالهيون مثالن جي صورت ۾ ڪندس، ۽ قديم زماني جا اسرار بيان ڪندس.
جيئن ڪنهن منڊي جون ٽنگون پنڌ ڪرڻ جي لائق نہ آهن، تيئن ئي بيوقوف جي زبان تان ڪنهن ڏاهي جي چوڻي نہ ٿي سونهي.
تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘
پوءِ بلعام چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.
۽ هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.