9 هو پنهنجي تخت کي گھاٽي ڪڪر سان ڍڪي ٿو ڇڏي.
9 هو پنهنجي تخت جو منهن بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پنهنجو ڪڪر انهيءَ تي پکيڙي ڇڏي ٿو.
تڏهن سليمان چيو تہ ”اي خداوند! تو فرمايو آهي تہ ’آءٌ اونداهي ڪڪر ۾ رهندس،‘
جو خدا ڌرتيءَ جي چوگرد گھمي ٿو، جتي زمين ۽ آسمان ملن ٿا، ۽ وچ ۾ گھاٽا ڪڪر هن لاءِ پردو آهن، جتان هو ڪو اسان کي ڏسي سگھي ٿو ڇا؟‘
خدا پنهنجي قوم تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ مٿن ڪڪر ڦهلايو، ۽ رات جي وقت روشنيءَ لاءِ باهہ جو ٿنڀو پڻ موڪليائين.
هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو.
پر تڏهن بہ ماڻهو پري ئي بيٺا رهيا ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گھاٽي ڪڪر جي ويجھو ويو، جنهن ۾ خدا هو.
تو سان گڏ ٻيو ڪوبہ مٿي نہ چڙهي. ڪوبہ ماڻهو سڄي جبل تي ڏسڻ ۾ نہ اچي، ايتري قدر جو انهيءَ جبل جي اڳيان رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا بہ نہ چرن.“
رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.