Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 26:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهو خدا ئي آهي جيڪو ڪڪرن کي پاڻيءَ سان ڀري ٿو ڇڏي، ۽ اهي پاڻيءَ جي وزن کان ڦاٽي نہ ٿا پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 هو پاڻيءَ کي پنهنجن گهاٽن ڪڪرن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڪڪر انهيءَ هيٺان ڦاٽي نٿو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 26:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مينهن جي وسيلي هو ماڻهن جي پالنا ڪري ٿو، ۽ کين بي‌انداز خوراڪ عطا ڪري ٿو. ڇا ڪو انسان سمجھي سگھي ٿو تہ ڪڪر ڪيئن ٿا پکڙجن، ۽ سندس عرش مان ڪيئن ٿي گجگوڙ ٿئي؟ ڏس، هو پوري آسمان کي وڄ جي روشنيءَ سان چمڪائي ٿو، پر هو سمنڊ جي اونهاين کي اونداهو رکي ٿو.


ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگھي ٿو؟ ڪير آسماني ساندارن کي اٽلائي ٿو سگھي؟


اهو آءٌ ئي تہ هئس، جنهن ڪڪرن کي سمنڊ جي پوشاڪ ۽ گھاٽي اونداهيءَ کي انهيءَ جي ويڙهڻ جو ڪپڙو بڻايو.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو.


ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.


جڏهن خدا بلنديءَ تي آسمانن کي ٿي قائم ڪيو، ۽ سمنڊ کي ڀرڻ لاءِ چشما ٿي جاري ڪيا،


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ