Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 26:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پاتال خدا جي آڏو بلڪل کُليل آهي، هائو، سندس لاءِ انهيءَ تي ڪو پردو پيل ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 هن جي اڳيان قبر جو منهن اُگهاڙو آهي، ۽ جهنم بہ کليل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 26:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هرگز نہ، اهي ڳالهيون آسمان کان بہ مٿاهيون آهن، تون انهن کي ڇا سمجھي سگھندين؟ اهي تہ پاتال کان بہ اونهيون آهن، تون انهن کي ڇا ڄاڻي سگھندين؟


قبر ۽ پاتال چون ٿا تہ ”اسان پنهنجي ڪنن سان انهيءَ جو رڳو افواہ ٻڌو آهي.“


نہ تہ جيڪر هن وقت آءٌ قبر اندر پيو هجان ها! هائو، آءٌ ستل هجان ها ۽ آرام پيو ڪريان ها.


بيشڪ، زناخوري هڪڙي اهڙي باهہ آهي، جيڪا ساڙي چٽ ڪيو ڇڏي، اها منهنجي هر شيءِ کي جيڪر پاڙؤن ناس ڪري ڇڏي ها.


ڇا ڪنهن تو کي مئلن جي دنيا، يعني پاتال جا اونداها دروازا ڪڏهن ڏيکاريا آهن؟


اهڙو ڪير آهي جيڪو ان تي حملو ڪري پاڻ کي محفوظ رکي سگھي؟ بيشڪ سڄيءَ دنيا ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي.


خدا اوچتو ئي اوچتو جبلن کي هٽائي ٿو ڇڏي، بلڪ هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪري ٿو ڇڏي.


جيڪڏهن آءٌ هيئن چوان تہ ”اوندهہ ضرور مون کي لڪائيندي، ۽ سوجھري جي بجاءِ رات مون کي لڪائي وٺندي،“


جيڪڏهن آءٌ آسمان تي چڙهي ٿو وڃان، تہ اتي بہ تون موجود آهين. جيڪڏهن آءٌ پاتال منجھہ وڃي ٿو سمهان، تہ اتي بہ تون موجود آهين.


ڀلا مئل ماڻهن کي تون پنهنجا معجزا ڏيکاريندين ڇا؟ يا اهي مُڙدا جيئرا ٿي تنهنجي واکاڻ ڪندا ڇا؟


جڏهن تہ قبر ۽ پاتال ئي خداوند کان ڳجھا ڪين آهن، تڏهن انسان پنهنجي دلين جا خيال کانئس ڪيئن ٿا لڪائي سگھن؟


جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.


پاتال جيڪو بابل جي بادشاهہ جي اچڻ تي سندس استقبال ڪرڻ لاءِ بي‌چين هو، تنهن هن جي خاطر اڳئين زماني جي مئل حڪمرانن جي روحن کي جاڳايو. هائو، هن ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تخت تان اٿاري کڙو ڪيو.


جيڪي ڳالهيون اونهيون ۽ ڳجھيون آهن، تن کي هو ئي ظاهر ڪري ٿو. جيڪي ڪجھہ بہ اوندهہ ۾ آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو، ڇوجو وٽس ئي سوجھرو آهي.


جيڪڏهن هو هيٺ پاتال ۾ بہ لهي ويندا تڏهن بہ منهنجو هٿ کين اتان ڪڍي وٺندو. جيڪڏهن هو مٿي آسمان تي بہ چڙهي ويندا تڏهن بہ آءٌ کين اتان هيٺ لاهي آڻيندس.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


انهيءَ ماڪڙ جو بادشاهہ اوڙاهہ وارو ملائڪ هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ