4 هو غريبن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ نہ ٿا ڏين، ۽ سڀني ضرورتمندن کي ڀڄي وڃڻ ۽ لڪڻ تي مجبور ٿا ڪن.
4 هو گهرج واري کي رستي تان ڦيرايو ڇڏين: زمين جا غريب سڀ گڏجي وڃيو لڪن.
رات جي وقت خوني ماڻهو چور بڻجيو وڃي، ۽ پرهہ ڦٽندي ئي هو غريب ۽ محتاج کي ڪهي ٿو.
انهيءَ سبب جو غريب جيڪي دانهون ڪندا هئا، ۽ يتيم جن جو ڪوبہ واهرو ڪونہ هو، تن جون مشڪلاتون آءٌ دور ڪندو هئس.
محتاجن جي آءٌ پيءُ وانگر سار سنڀال لهندو هئس، ۽ جن کي آءٌ سڃاڻيندو ئي نہ هئس، عدالت ۾ تن جي بہ حقن جي حفاظت ڪندو هئس.
آءٌ تہ انهن لاءِ روئندو هئس، جيڪي تڪليف ۾ ڦاٿل هوندا هئا، محتاجن جي لاءِ تہ منهنجي جان تڙپندي هئي.
مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو تہ ڪين آهي، نڪي رننزالن کي نااميد ئي ڪيو اٿم.
جڏهن بہ مون ڪنهن انگ اُگھاڙي کي مرڻينگ ڏٺو آهي، يا ڪنهن غريب کي ڪپڙن جو حاجتمند ڏٺو اٿم،
انهيءَ سبب جو ان بڇڙي کي رحم ڪرڻ ڪڏهن ياد نہ رهيو، اٽلندو هن غريبن، مسڪينن ۽ دلشڪستن کي ستايو. هائو، انهن کي گھڻو ستايائين تانتہ سندن جانيون وٺي.
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو.
جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ پنهنجي خالق جي بيحرمتي ٿو ڪري. مگر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري، سو خدا جي تعظيم ٿو ڪري.
جيڪو پنهنجي لالچ جي ڪري دولتمند کي تحفا ٿو ڏئي، يا وري پنهنجي فائدي واسطي غريب تي ظلم ٿو ڪري، سو ضرور ڪنگال ٿو ٿئي.
جڏهن ايماندار ماڻهو فتحياب ٿين ٿا، تڏهن قوم جي شان وَ شوڪت وڌي ٿي. مگر جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن.
جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن. مگر جڏهن بدڪارن کان سچار حڪمراني کسي ٿا وٺن، تڏهن سچار ماڻهن ۾ واڌارو اچيو وڃي.
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي ايترا تہ چيريندڙ ڦاڙيندڙ حيوان آهن، جو اهي غريبن ۽ بيگھر ماڻهن کي بہ ڳڙڪايو ڇڏين.
انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رننزالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.
مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ
باقي سندس پيءُ، جنهن بيرحميءَ سان ظلم ڪيا، پنهنجي قوم وارن کي زور زبردستيءَ سان ڦريو ۽ پنهنجي قوم ۾ نيڪوڪار نہ رهيو، سو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ضرور لوڙيندو.
بني اسرائيل جي ماڻهن پاڻ بہ ظلم ۽ ڦرمار مچائي ڇڏي آهي. هائو، اهي غريبن ۽ محتاجن کي ستائين ٿا ۽ انهن سان گڏ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ٿا ڪن.
اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بيادبي پيا ڪن.
ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.