9 تو رننزالن کي خالي هٿين ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن کي لٽي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿيئي.
9 تو بيوہ زالن کي خالي هٿين ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن جون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون اٿيئي.
اهو انهيءَ ڪري ٿئي ٿو جو اهي سنڍ عورت، جنهن کي ٻار پيدا نہ ٿا ٿين تنهن کي ستائين ٿا، ۽ رننزالن سان بہ ڪا نيڪي ڪين ٿا ڪن.
هو يتيمن جا گڏهہ هڪلي ڪاهيو وڃن، ۽ رننزالن جا ڏاند پاڻ وٽ گروي ٿا رکن.
مون ڪنهن يتيم تي ڪڏهن هٿ نہ کنيو آهي، جيتوڻيڪ مون ڄاتو ٿي تہ عدالت ۾ منهنجي هلندي پڄندي آهي.
ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟
تون بڇڙن ۽ بدڪارن جو زور ڀڃي ڇڏ. سندن بڇڙائيءَ کي اهڙو نابود ڪري ڇڏ، جو اها وري ڳولي نہ لڀي.
انهيءَ سبب جو بدڪارن جو زور ٽوڙيو ويندو، پر سچار ماڻهن جي خداوند حفاظت ڪندو.
اهي رننزالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.
اوهين چڱا ڪم ڪرڻ سکو، انصاف جا طلبگار ٿيو، مظلومن جي مدد ڪريو، يتيمن کي سندن حق ڏياريو، ۽ رننزالن سان انصاف ڪريو.“
تنهنجا سردار فسادي ۽ چورن جا سنگتي ٿي پيا آهن. انهن مان هر ڪو رشوت جو طالبو آهي، ۽ پئسي جي پٺيان پيو ڊوڙي. اهي يتيمن جو انصاف نہ ٿا ڪن، نڪي رننزالن جو فرياد ئي سندن ڪنن تائين ٿو پهچي.
انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رننزالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.
موآب جو لشڪر قتل ڪيو ويندو ۽ انهيءَ جي طاقت ختم ڪئي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رننزالن کي ستايو ٿو وڃي.
سو هاڻي آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ جي خلاف آهيان. آءٌ سندس ٻيئي ٻانهون، يعني جيڪا سڄي اٿس سا بہ ۽ جيڪا اڳي ئي ڀڳل اٿس، تنهن کي بہ وري ڀڃي ڇڏيندس. آءٌ سندس هٿ مان تلوار ڪيرائي وجھندس تہ جيئن هو اڳتي جنگ ڪرڻ جي لائق نہ رهي.
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رننزالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو يتيم، رنزال يا اسان وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘