Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 خداوند شيطان کان پڇيو تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ شيطان ورندي ڏني تہ ”آءٌ ڌرتيءَ تان هيڏانهن هوڏانهن گشت ڪندو ۽ گھمندو ڦرندو پيو اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تي هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 2:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کيس چيو تہ ”اي سارائيءَ جي ٻانهي هاجرہ! تون ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي مالڪياڻي سارائيءَ وٽان ڀڄي نڪتي آهيان.“


خداوند شيطان کان پڇيو تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ شيطان ورندي ڏني تہ ”آءٌ ڌرتيءَ تان هيڏانهن هوڏانهن گشت ڪندو ۽ گھمندو ڦرندو پيو اچان.“


وري هڪڙي ڏينهن جڏهن ملائڪ خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي خداوند آڏو اچي حاضر ٿيو.


تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف ٿو رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري ٿو. هو اڃا تائين بہ سچائيءَ تي قائم رهندو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي هن جي خلاف چوريو تہ بي‌سبب کيس ناس ڪريان.“


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ