Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن اڃا هو پرڀرو ئي هئا تہ ايوب تي نظر پين، مگر کيس سڃاڻي نہ سگھيا. پر جڏهن کيس سڃاتائون تڏهن اهي رڙيون ڪري روئڻ ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ پنهنجن مٿن ۾ مٽي وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن هنن پنهنجون اکيون مٿي کنيون، ۽ هن کي نہ سڃاتائون، تڏهن رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ سڀني پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجن مٿن تي مٽي وڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 2:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ جا اهي لفظ ٻڌا تڏهن زاروزار روئڻ لڳو ۽ پيءُ کي چيائين تہ ”بابا! مون کي بہ دعا ڏيو.“


جيئن ئي هن ڳالهائي بس ڪئي تہ شهزادا بہ اچي نڪتا. هنن اچي رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو تہ بادشاهہ ۽ سندس عملدار بہ زاروزار روئڻ لڳا.


جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجو جبو ڦاڙيو ۽ پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار پٽيا ۽ وائڙو ٿي ويهي رهيس.


بني اسرائيل ٻين قومن وارن کان ڌار ٿي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ تي روزو رکي، کٿا ڍڪي ۽ مٿي ۾ مٽي وجھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا. هنن بيهي ڪري پنهنجا سڀ گناهہ باسيا ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي بڇڙائي بہ قبول ڪيائون.


جڏهن مردڪئيءَ کي انهيءَ سڄي ڳالهہ جي خبر پيئي تڏهن هن وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ مٿي ۾ رک وجھي بدن تي کٿو ڍڪي شهر جي رستن تي اچي رڙيون ڪري روئڻ پٽڻ لڳو.


تڏهن ايوب اٿيو ۽ ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين ۽ مٿو ڪوڙيائين. پوءِ زمين تي ڪري سجدو ڪندي


منهنجا مٽ مائٽ مون کان بيزار ٿي ويا آهن، ۽ گھاٽن دوستن مون کي وساري ڇڏيو آهي.


پياري يروشلم جا سڀيئي ماڻهو، پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون، ڌرتيءَ تي خاڪ ۾ ماٺ ڪيو ويٺا آهن. اهي پنهنجي مٿن ۾ مٽي ٿا وجھن، ۽ پنهنجي بدن تي کٿا ڍڪيا اٿائون. اهي ايترو تہ بي‌حال ٿي پيا آهن جو سندن مٿا وڃي زمين سان لڳا آهن.


اهي وڏي آواز سان تنهنجي اهڙي حال تي زاروزار روئي رهيا آهن. هنن پنهنجن مٿن ۾ خاڪ وڌي آهي، ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پيا پائين.


تڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر پيا رهيا. هنن پنهنجن مٿن ۾ مٽي پڻ وڌي.


اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“


جڏهن انهيءَ ملائڪ سڄي بني اسرائيل کي خداوند جو اهو فرمان ٻڌائي بس ڪئي تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو دانهون ڪري روئڻ لڳا.


جڏهن انهن جا قاصد جِبعت شهر ۾ اچي پهتا جتي سائول رهندو هو، تڏهن انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايائون جنهن تي سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.


تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو ايترو تہ زور سان رنا، جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.


تڏهن بنيامين قبيلي جو هڪڙو ماڻهو جنگ جي ميدان کان ڀڄندو ساڳئي ئي ڏينهن اچي سيلا ۾ پهتو. هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ