Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن، اليفز تيماني، بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتيءَ مٿس آيل انهيءَ سڄيءَ مصيبت جو احوال ٻڌو، تڏهن پنهنجي پنهنجي شهر کان اچي گڏ ٿيا ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ هلي ايوب سان ڏک ونڊين ۽ کيس تسلي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هاڻي جڏهن ايوب جي ٽن دوستن انهيءَ سڄيءَ خرابيءَ جو ذڪر ٻڌو، تڏهن انهن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تان آيو؛ اليفز تيماني، ۽ بلدد سوخي ۽ ضوفر نعماتي: ۽ انهن گڏجي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو تہ اچي هن سان ڏک ونڊين، ۽ هنکي تسلي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 2:11
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کي ابراهيم مان زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ ڄاوا.


اليفز جا پٽ هي آهن: تيمان، اومار، صفو، جعتام ۽ قنز.


عيسوءَ جي اولاد مان هي قبيلا ٿيا. عيسوءَ جي وڏي پٽ اليفز جا پٽ جن جي نالن جي پٺيان ادوم جي ملڪ ۾ پوءِ قبيلا ٿيا، سي هي آهن: تيمان، اومار، صفو، قنز،


يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمانين جي علائقي واري حُشام بادشاهي ڪئي.


سندس سمورا پٽ ۽ ڌيئر چپ ڪرائڻ لاءِ آٿت ڏيڻ لڳس پر کيس آٿت نہ ٿي آئي. هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ روئندو پٽيندو پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس.“ اهڙيءَ طرح هو يوسف جي لاءِ روئندو رهيو.


ابراهيم جا سندس سريت قطوراہ مان هي پٽ هئا: زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ. يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا.


يوباب جي وفات کان پوءِ تيمان جي ملڪ وارو حُشام بادشاهہ ٿيو.


سندن پيءُ افرائيم انهن لاءِ گھڻن ئي ڏينهن تائين سوڳ ڪيو ۽ سندس مائٽ کيس دلاسو ڏيڻ لاءِ آيا.


تڏهن ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ


اوهين منهنجو معاملو نہ سمجھندي رڳو ڪوڙيون ڳالهيون ويٺا ٺاهيو، اوهين سڀ جو سڀ نڪمن حڪيمن جيان آهيو، جو بيماري ئي نہ ٿا سمجھو.


تڏهن اليفز تيمانيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ


”اي اليفز! تنهنجي اجاين ڳالهين جي ڪا پڄاڻي بہ ٿيندي يا نہ؟ ڪهڙي ڳالهہ تو کي تنگ ٿي ڪري جو تون اهڙو جواب ٿو ڏئين؟ آءٌ اهڙيون گھڻيون ئي ڳالهيون ڄاڻان ٿو، اوهين سڀ تسلي ڏيڻ جي بدران مون کي اڃا وڌيڪ ڏک ٿا رسايو.


بيشڪ منهنجو فرياد ئي منهنجي وڪالت ڪري رهيو آهي، ۽ منهنجيون اکيون انصاف لاءِ خدا ڏانهن واجھائي رهيون آهن.


تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ


منهنجا سڀيئي همراز دوست مون کان ڪراهت ٿا ڪن، جن سان منهنجي محبت آهي، سي بہ منهنجي خلاف ٿي ويا آهن.


اي منهنجا دوستؤ! گھٽ ۾ گھٽ اوهين تہ مون تي رحم ڪريو، ڇو تہ خدا جو ڳرو هٿ مون تي اچي پيو آهي.


تڏهن اليفز تيمانيءَ ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ


تڏهن سندس سڀيئي ڀائر ڀينر ۽ اهي ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي، سي وٽس آيا. ساڻس گڏ ماني کاڌائون ۽ هن لاءِ افسوس ڪيائون ۽ جيڪا مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن بابت کيس تسلي ڏنائون. انهن مان هر هڪ ڪجھہ چاندي ۽ هڪ هڪ سوني والي کيس نذراني طور ڏني.


پوءِ جڏهن خداوند ايوب سان اهي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن اليفز تيمانيءَ کي فرمايائين تہ ”مون کي تو تي ۽ تنهنجي ٻنهي دوستن تي ڪاوڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي، جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.


تڏهن اليفز تيمانيءَ، بلدد سوخيءَ ۽ سوفر نعماتيءَ وڃي ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کين فرمايو ۽ خداوند ايوب جي دعا قبول ڪئي.


”جيڪو پنهنجي نااميد دوست کي مهرباني نہ ٿو ڏيکاري، سو ڄڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو قادرِمطلق جو خوف نہ ٿو ڪري.


تيما کان ايندڙ قافلا پاڻي تلاش ڪندا رهن ٿا، ۽ شبا کان ايندڙ ٽوليون انهيءَ لاءِ واجھائينديون رهن ٿيون.


تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي ايوب کي چيو تہ


دوست بيشڪ پنهنجي دوستي نڀائي ٿو، مگر ڀاءُڀيڻ تہ پيدا ئي مصيبت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ آهن.


گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.


پنهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ پنهنجي دوست يا پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي پري وارن مائٽن ڏانهن نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ ويجھو دوست انهن کان وڌيڪ بهتر آهي.


تو تي ٻِٽيون مصيبتون اچي پيون آهن. هائو، تنهنجو ملڪ نہ رڳو جنگ ۾ برباد ٿي رهيو آهي، بلڪ تنهنجي قوم ڏڪار سبب مري رهي آهي. ڪوبہ ناهي جيڪو تو سان غمخواري ڪري، ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي دلداري ڏئي.


ادوم بابت قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا ادوم ملڪ جي رهاڪن مان ڏاهپ نڪري ويئي آهي؟ ڇا سندن ڏاهن مان صلاح مصلحت ختم ٿي ويئي آهي؟ ڇا منجھن ڏاهپ اصل رهي ئي ڪونهي؟


ادوم ملڪ مٿان آءٌ اهڙي مصيبت آڻيندس جو تيمان شهر جا جنگي جوڌا بہ ڊڄي ويندا. تڏهن سڄي ملڪ جي ماڻهن کي نيست وَ نابود ڪيو ويندو.“


سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا هئا.


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.


جديروت، بيت‌دجون، نعمہ ۽ مقيدہ، ڪل سورهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ