9 هن منهنجي عزت مون کان کسي ورتي آهي، هائو، منهنجي مٿي تان ڄڻ تاج لاهي ورتو اٿس.
9 هن منهنجو جلال مون تان لاهي ورتو آهي، ۽ منهنجي مٿي تان ڇٽ کڻي ورتو اٿس.
هو صلاحڪارن کي اگھاڙي پيرين قيد ڪرائي ٿو ڪڍي، ۽ ججن کي بيعقل ٿو بڻائي ڇڏي.
هو مذهبي اڳواڻن کي لٽائي ڦرائي قيد ٿو ڪرائي، ۽ حڪمرانن کي اونڌو ڪري ٿو ڪيرائي.
مون روئندي رڙندي پنهنجي بدن تي کٿو ڍڪيو آهي، آءٌ شڪست کائي اچي مٽيءَ ۾ ڪريو آهيان.
”پر هاڻي جيڪي مون کان ننڍا آهن سي بہ مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، جن جي ابن ڏاڏن کي آءٌ پنهنجي ڌڻ جي محافظ ڪتن سان گڏ ويهڻ بہ گوارا نہ ڪندو هئس.
تو پنهنجي ٻانهي سان ٻڌل عهد کي منسوخ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي تاج کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي.
تو هن جي شهر جون ڀتيون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿيئي.
تو هن جي شاهي شان کي مِٽائي ڇڏيو آهي، ۽ سندس تخت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي.
انهيءَ سبب جو دولت هميشہ ساٿ نہ ٿي ڏئي، نڪي تخت وَ تاج ئي پيڙهين تائين قائم ٿو رهي.
جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.
اسان جي حڪمراني اسان کان کسي ويئي آهي. اسان جي اهڙي حالت اسان جي گناهن جي ئي ڪري ٿي آهي. ڪاش! اسان جي قوم گناهہ نہ ڪري ها.
بني اسرائيل جا پويان بہ پنهنجن ابن ڏاڏن وارين عادتن تي قائم رهيا، سو هاڻي اسرائيل وارن جي وڏائي ۽ گھڻائي پکيءَ جيان اُڏامي ويندي، سندن عورتن کي حمل نہ ٿيندو، هائو، منجھن ڪوبہ ٻار ڪين ڄمندو.