Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 19:3 - Muslim Sindhi Bible

3 بار بار اوهان مون کي ملامت ڪندا رهيا آهيو، اوهان کي شرم نہ ٿو اچي جو مون کي ستايو ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هي ڏهہ ڀيرا اوهان مون کي طعنا هنيا آهن: اوهان کي شرم نٿو اچي جو مون سان سختيءَ جي هلت ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 19:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهان جي پيءُ مون سان دوکو ڪيو ۽ ڏهہ ڀيرا منهنجو معاوضو بدلايائين. پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي.


يوسف پنهنجي ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر نہ سڃاڻڻ وارو نمونو ڪري ساڻن کهرو ڳالهايائين. هن کانئن پڇيو تہ ”ڪٿان ٿا اچو؟“ هنن ورندي ڏني تہ ”اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان ملڪ مان آيا آهيون.“


پر جيڪي يهودي انهن جي آس‌پاس رهندا هئا، سي وقت بوقت اچي اسان کي ٻڌائيندا رهيا تہ ”اوهان جا دشمن اوهان تي حملي ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.“


جيڪڏهن تون پاڻ کي بدڪاريءَ کان پري رکندين، ۽ شرارت جي ويجھو نہ ويندين،


اي ايوب! ڇا تنهنجيون ٻٽاڪون ٻڌي ڪري ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گھرجي؟ جڏهن تون ٺٺوليون ڪرين، تڏهن ڪو تو کي شرمندو بہ نہ ڪري ڇا؟


منهنجي زال کي مون مان بدبوءِ ٿي اچي، ۽ منهنجا سڳا ڀائر بہ مون کي ڌڪارين ٿا.


”ڪيستائين اوهين منهنجي جان جھوريندا رهندا؟ ڪيستائين پنهنجي ڳالهين سان اوهين مون کي وڍ ڏيندا رهندا؟


ڀلا، جيڪڏهن مون کان سچ پچ ڪا خطا ٿي آهي، تہ پوءِ ان مان اوهان کي ڪهڙو نقصان رسيو آهي؟


تو تهمت هڻي مون کي بي‌عزت ڪيو آهي، پر آءٌ تو کي انهيءَ جو جواب ڏيڻ ڄاڻان ٿو.


پنهنجي مٽن مائٽن وٽ آءٌ ڌاريو ٿي پيو آهيان، بلڪ پنهنجيءَ ئي ماءُ جي اولاد وٽ آءٌ اجنبي ٿي پيو آهيان.


ڏاهپ ۽ دانائيءَ جي جيڪا بہ ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي پنهنجي پوري بادشاهت جي سڀني جادوگرن ۽ نجومين کان ڏهہ ڀيرا وڌيڪ بهتر لڌو.


آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.


تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو ملڪ نہ ڏسندو. هنن منهنجو جلال ۽ منهنجا معجزا، جيڪي مون مصر ۽ بيابان ۾ ڪيا سي ڏٺا آهن، تڏهن بہ مون کي هڪ دفعو نہ پر ڏهہ دفعا آزمايو اٿن، پوءِ بہ منهنجي ڳالهہ نہ مڃي اٿائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ