Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 19:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”ڪيستائين اوهين منهنجي جان جھوريندا رهندا؟ ڪيستائين پنهنجي ڳالهين سان اوهين مون کي وڍ ڏيندا رهندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڪيستائين اوهين منهنجي روح کي هلاڪ ڪندا ۽ ڳالهين سان مون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 19:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي ايوب! تون ڪيستائين پيو ڳالهائيندو رهندين؟ سمجھدار ٿيءُ ۽ هاڻي اسان جي ڳالهہ ٻڌ.


تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ


بار بار اوهان مون کي ملامت ڪندا رهيا آهيو، اوهان کي شرم نہ ٿو اچي جو مون کي ستايو ٿا؟


پر ڪهڙو فائدو؟ اهو سڀ ڪجھہ تہ اوهان سڀني خود ڏٺو آهي، تہ پوءِ اوهين اجايو اهڙيون بي‌عقليءَ واريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟“


”جيئري خدا جو قسم آهي، جيڪو مون سان انصاف نہ ٿو ڪري، هائو، انهيءَ قادرِمطلق جو قسم آهي، جنهن منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي آهي،


”ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ڪيستائين تنهنجيون ڳالهيون آنڌي طوفان جيان هونديون؟


ڪيستائين، اي خداوند! ڇا تون مون کي بلڪل ئي وساري ڇڏيندين؟ ڪيستائين تون مون کان پنهنجو منهن موڙيو رکندين؟


منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“


سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون.


ڏس، اهي پنهنجي وات مان الٽيءَ جيان لفظ ٿا ڪڍن. هائو، انهن جي چپن منجھان تلوار جهڙا تکا لفظ ٿا نڪرن. هو ائين ٿا سمجھن تہ ”اسين جيڪي بہ ڪريون ٿا سو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“


اهي پنهنجيون زبانون تلوار جهڙيون تکيون ٿا ڪن، بلڪ سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ پنهنجا تيرڪمان ڇڪين ٿا،


تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.


حياتي ۽ موت انسان جي زبان جي وس ۾ آهن، سو انسان جيڪي ڪجھہ ڳالهائي ٿو، تنهن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پون ٿا.


انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


هوءَ کيس روز بروز پنهنجي ڳالهين سان تنگ ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هن کيس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ