Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 18:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ رڳو پاڻ کي ئي ٿو نقصان رسائين، ڀلا تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خدا ڌرتيءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ يا تنهنجي ڪري هو ٽڪرن کي سندن جاءِ تان هٽائي ڇڏيندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تون جو پاڻ کي پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڦاڙين ڏارين ٿو، تنهنجي لاءِ ڪا زمين خالي ٿي ويندي ڇا؟ يا ٽڪر پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 18:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي زندگي خطري ۾ ٿو وجھان، هائو، آءٌ پنهنجو سر تريءَ تي ٿو رکان.


پر جهڙيءَ طرح جبل ڪرندي ڪرندي نابود ٿيو وڃي، ۽ ٽڪر پنهنجيءَ جاءِ تان هٽيو ٿو وڃي،


خدا غضب وچان مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن، هن ڄڻ دشمن بڻجي پنهنجيون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن، هائو، هن منهنجي پٺيان پيئي مون کي چيريو ڦاڙيو آهي.


اسان کي ڍورن وانگر ناسمجھہ ڇو ٿو سمجھين؟ تنهنجي نظر ۾ اسين نادان ڇو آهيون؟


هرگز نہ، اٽلندو هو شريرن جي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيندو، اهي ڏيئي جي انهيءَ لاٽ وانگر ٿيندا، جيڪا وري روشن نہ ٿيندي.


ڇا تون منهنجي انصاف کي باطل ثابت ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڏوهاري قرار ڏيندين؟


خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.


آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.


تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي شاگردن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ