2 ”اي ايوب! تون ڪيستائين پيو ڳالهائيندو رهندين؟ سمجھدار ٿيءُ ۽ هاڻي اسان جي ڳالهہ ٻڌ.
2 ڪيستائين تون لفظن جا ڄار وجهندين؟ ويچار ڪر تہ پوءِ اسين ڳالهائينداسين.
”ڇا ڊگھين ڳالهين ڪرڻ واري کي جواب نہ ڏجي؟ ڇا گھڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجھيو ويندو؟
تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ
اسان کي ڍورن وانگر ناسمجھہ ڇو ٿو سمجھين؟ تنهنجي نظر ۾ اسين نادان ڇو آهيون؟
”گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڳالهہ تہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، ائين شايد اوهان جي طرفان مون کي ڪا تسلي ٿئي.
آءٌ اتي قبر ۾ هجان ها جتي بڇڙا بہ نہ ٿا ايذائجن. اتي ٿڪل ٽٽل پورهيت بہ آرام وٺندا رهن ٿا.
انهيءَ ڪري اي ايوب! هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، جيڪي بہ آءٌ چوان تنهن ڏانهن ڪن ڏي.
”ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ڪيستائين تنهنجيون ڳالهيون آنڌي طوفان جيان هونديون؟
جيڪو پوري ڳالهہ ٻڌڻ کان اڳي انهيءَ جو جواب ڏئي ٿو، تنهن جي لاءِ اهو بيوقوفي ۽ بيعزتيءَ جو باعث بڻجي ٿو.
اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،