Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 17:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سچار ماڻهو بہ منهنجي حالت ڏسي دهلجي ويا آهن، هو اهو سمجھي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن تہ آءٌ خدا کي رد ڪندڙ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 سچار ماڻهو انهيءَ ڳالهہ تي حيران ٿيندا، ۽ بي ڏوهي پنهنجو پاڻ کي بيدينن جي برخلاف کڙو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 17:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجو جبو ڦاڙيو ۽ پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار پٽيا ۽ وائڙو ٿي ويهي رهيس.


جڏهن بدڪارن کي سزا ٿي ملي، تڏهن بي‌گناهہ مٿن کلن ٿا ۽ سچار خوش ٿا ٿين.


انهيءَ لاءِ تہ خدا کي رد ڪندڙ حڪومت نہ ڪن، ۽ ڪوبہ ماڻهو خلق کي ڦندي ۾ نہ ڦاسائي.


بدڪارن کي خوش ڏسي اوهين پنهنجو پاڻ کي پريشان نہ ڪريو. هائو، انهن سان ريس نہ ڪريو، جيڪي بڇڙائيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.


جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.


پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ